حيدرآباد -12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد جي مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪندي چيو آهي، ته حيدرآباد شهر جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، هتي جي عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ شهر کي ماضي وانگر نظرانداز نه ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي …
بلاول ڀٽو زرداري پاران حيدرآباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح، حيدرآباد شهر عالمي ايئرپورٽ جو حقدار آهي: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
حيدرآباد -12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد جي مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪندي چيو آهي، ته حيدرآباد شهر جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، هتي جي عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ شهر کي ماضي وانگر نظرانداز نه ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نياز اسٽيڊيم جي بحالي، حسن علي آفندي پارڪ جي سجاوٽ، اربن فاريسٽ جي تياري، فيملي پارڪ ۾ واڪنگ ۽ سائيڪلنگ ٽريڪ ۽ آٽو ڀان روڊ سميت ٻين منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداريءَ حيدرآباد جي ميئر ۽ سندس ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي تي کين شاباش ڏيندي چيو ته اهي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان حيدرآباد جي عوام کي صحتمند ۽ خوشگوار ماحول ميسر ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي ۾ حيدرآباد کي سياسي بنيادن تي نظر انداز ڪيو ويو ۽ نفرت جي سياست ڪئي وئي پر پاڪستان پيپلز پارٽي جو مقصد شهر جي ترقي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. هن چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ منصوبو دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ پاڪستان جو سڀ کان شفاف منصوبو آهي جيڪو ڪرپشن کان مڪمل پاڪ آهي، ان منصوبي تحت سڄي سنڌ ۾ 21 لک پڪا گهر تعمير ڪيا پيا وڃن ۽ مستحق خاندانن کي مالڪاڻا حق پڻ ڏنا ويندا. هن چيو ته اهو منصوبو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اٽو، لٽو ۽ اجهو جي منشور جو تسلسل آهي ۽ ان جي آڊٽ ڪنهن به عالمي اداري کان ڪرائي سگهجي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي سڀ کان وڌيڪ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن. هدف اهو آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽي هجي. هن ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٽرانسپيرنسي ذريعي 20 ارب روپيا واپس سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن جيڪي صوبي جي ترقي تي خرچ ڪيا پيا وڃن. حيدرآباد ايئرپورٽ جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جو ٻيو وڏو شهر عالمي ايئرپورٽ جو حقدار آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وينديون ته عوام کي هوائي سفري سهولت ميسر ٿي سگهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد عنصر پورهيتن ۽ مزدورن کي نشانو بڻائيندا آهن، ڪوشش جاري آهي ته گڏيل قومن کان به انهن تنظيمن کي دهشتگرد قرار ڏياريو وڃي ته جيئن انهن جي عالمي فنڊنگ بند ٿي سگهي. 26هين آئيني ترميم تي ڳالهائيندي هن چيو ته وڏي ڪاميابي اها آهي ته سمورن صوبن کي آئيني بينچز ۾ برابر جي نمائندگي ملي، ڀارت جي آبي جارحيت تي تبصرو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پنهنجي آئيني ۽ قانوني حق تي قائم آهي جڏهن ته ملڪ ۾ جديد آبپاشي نظام اختيار ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن پاڻي جي بحران کان بچي سگهجي. هن چيو ته جمهوريت جي بقا ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن سمورا ادارا پنهنجي دائريڪار ۾ رهي ڪم ڪندا ۽ سياستدان به سياست جي دائري ۾ رهن ته ملڪ متحد ٿي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي. هن چيو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته هي ملڪ سڀني جو آهي ۽ ان جي ترقي ۾ هر شهري جو ڪردار آهي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد جي سڀ کان وڏي ۽ جديد سهولتن سان ليس خان بهادر حسن علي آفندي پيپلز پارٽي پارڪ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، نثار کهڙو، شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شورو ۽ حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو سميت ٻيا صوبائي وزير، ايم پي ايز، پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ شهري وڏي انگ ۾ موجود هئا. تقريب دوران ٻڌايو ويو ته پارڪ 14 ايڪڙ ايراضي تي ٻڌل آهي ۽ ان کي اربن فاريسٽ جي طرز تي ڊزائن ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پنج هزار کان وڌيڪ وڻ ۽ 10 هزار کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويا آهن. پارڪ ۾ عوامي مطالعي کي هٿي وٺائڻ لاءِ 3 اوپن لائبيريون به قائم ڪيون پيون وڃن 2 الڳ الڳ ٽريڪس واڪ ۽ جاگنگ جي شوقين شهرين لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي شهر جي ترقياتي اسڪيمن تي تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي. کيس حسين آباد گدو چوڪ کان لطيف آباد يونٽ نمبر ٻه تائين آٽوڀان روڊ جي سجاوٽ جي پهرين ۽ ٻي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو. اهڙي طرح غلام محمد بيراج ڄامشورو کان شروع ٿي حيدرآباد باءِ پاس تان گذرندي ڪوٽڙي پل تي ختم ٿيندڙ رنگ روڊ منصوبي جي پهرين فيز تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سحرش نگر باءِ پاس روڊ جي پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ ۽ شهر ۾ پاڻي جي رسد جي وڏن منصوبن تي به بريفنگ ڏني وئي. ان دوران بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد جي سمورن ٽائون چيئرمينن سان ملاقات ڪئي، سندن مسئلا ۽ ترقياتي تجويزون ٻڌيون ۽ فوري حل جي خاطري ڪرائي. هن ڪچي آبادي ۾ رهندڙ عورتن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ واري فيصلي جو اعلان به ڪيو جنهن تي موجود عورتن خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي بنيادي مسئلن جي حل، شهري سهولتن جي فراهمي ۽ ماحول دوست منصوبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. بلاول ڀٽو زرداري آٽوڀان روڊ فيز ون ۽ ٽو جي مڪمل ٿيڻ ۽ نياز اسٽيڊيم جي سجاوٽ وارن منصوبن جو به افتتاح ڪيو.











