اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ آذربائيجان تاريخي، جاگرافيائي ۽ مذهبي تعلق سان جڙيل آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان جو عوام هڪ جان ٻه دليون آهن جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ڀارت خلاف تازي معرڪه بنيان المرصوص ۾ پاڪستان جي فتح جي سڀ کان گهڻي خوشي آذربائيجان جي عوام کي ٿي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ …
پاڪستان ۽ آذربائيجان پنهنجي تاريخي، جاگرافيائي ۽ مذهبي ناتن سان جڙيل آهن: وفاقي وزير عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ آذربائيجان تاريخي، جاگرافيائي ۽ مذهبي تعلق سان جڙيل آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان جو عوام هڪ جان ٻه دليون آهن جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ڀارت خلاف تازي معرڪه بنيان المرصوص ۾ پاڪستان جي فتح جي سڀ کان گهڻي خوشي آذربائيجان جي عوام کي ٿي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سندس آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهڙائي ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۽ گڏيل سهڪار ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان جو اسلام آباد ۾ گڏيل چيمبر آف ڪامرس قائم ٿيڻ انتهائي هاڪاري ۽ سٺو سنئوڻ آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي واپاري براداري لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن سان زميني رابطن، واپار ۾ اضافي ۽ گڏيل معاملن کي هٿي وٺائڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، پاڪستاني نوجوانن جو وڏو تعداد انهن رياستن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي هاڻوڪي عوامي ميڙاڪي ۾ پاڪستاني عوام طرفان چين ۽ ترڪيه کان علاوه آذربائيجان جا قومي جهنڊا به ڦڙڪائڻ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جوا ظهار آهي. پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، آذربائيجان پڻ پاڪستان سان ٻه طرفي واپار ۽ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جو خواهش مند آهي. هن وفاقي وزير عبدالعليم خان جي آذربائيجان واري دوري جي تعريف ڪندي ان کي ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن کي ساراهيو جنهن سان ٻئي ملڪ اڃا به وڌيڪ ويجها ٿيا آهن.











