عالمي سطح جي غير يقيني وارين حالتن باوجود پاڪستان جي معيشت پاليسيءَ تي ٻَڌل بحاليءَ جي راهه تي گامزن آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عالمي سطح جي غير يقيني وارين حالتن باوجود پاڪستان جي معيشت پاليسيءَ تي ٻَڌل بحاليءَ جي راهه تي گامزن آهي، مالي سال 2025ع ۾ ملڪ جا سمورا وڏا معاشي اهڃاڻ هاڪاري رهيا، جي ڊي پي گروٿ 2.7 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جڏهن ته ناڻي واڌ جي سراسر شرح 4.5 …

اسلام آباد-12 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عالمي سطح جي غير يقيني وارين حالتن باوجود پاڪستان جي معيشت پاليسيءَ تي ٻَڌل بحاليءَ جي راهه تي گامزن آهي، مالي سال 2025ع ۾ ملڪ جا سمورا وڏا معاشي اهڃاڻ هاڪاري رهيا، جي ڊي پي گروٿ 2.7 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جڏهن ته ناڻي واڌ جي سراسر شرح 4.5 سيڪڙو رهي جيڪا 2016ع کان پوءِ گهٽ ترين آهي. ماهوار ڊولپمينٽ پلان تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته مضبوط مالي نظم جي نتيجي ۾ مالي خسارو گهٽ ٿي جي ڊي پي جو 5.4 سيڪڙو رهجي ويو، جيڪو گذريل سال جي 6.9 سيڪڙو کان گهٽ آهي. ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙي 11744 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيهي شعبي ۾ 2.1 ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ٿيو، جيڪو روانگي واپار ۾ واڌ ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي جي بلند ترين سطح جو ثمر آهي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن جي حوالي سان جولاءِ 2025ع ۾ 8 رٿائن جن جي ماليت 22.7 ارب رپيا آهي، منظور ڪيا ويا، جڏهن ته 3 منصوبا (ماليت 415.07 ارب رپيا) ۽ 5 پوزيشن پيپرز (ماليت 120.751 ارب رپيا) ايڪنڪ جي منظوريءَ لاءِ اُماڻيا ويا. اهم شعبن ۾ تعليم (دانش اسڪول رٿا، 19.253 ارب رپيا)، ٽرانسپورٽ، گورننس ۽ صحت شامل آهن. اهي منصوبا 1503 سڌيءَ ريت ۽ 630 اڻسڌيءَ ريت روزگار پيدا ڪندا. احسن اقبال چيو ته عوامي سيڙپڪاريءَ جي سگهه وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو جنهن سان صرف جون ۾ 40.09 ارب رپين جي لاڳت ۾ بچي ٿئي. پي ايس ڊي پي تحت 1068 ارب رپين جا رڪارڊ خرچ ٿيا جيڪي رکيل رقم جو 98 سيڪڙو آهي. مالي سال 26-2025ع ۾ پي ايس ڊي پي جو ڳاڻيٽو هزار ارب رپيا رکيو ويو هو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو (63 سيڪڙو) انفراسٽرڪچر کي ڏنو ويو آهي. هن چيو ته مانيٽرنگ اينڊ ايويليو ايشن جي حوالي سان مالي سال 2025ع ۾ 260 رٿائن جي مانيٽرنگ ۽ 40 رٿائن جي ايويليو ايشن ڪئي وئي. مالي سال 2026ع ۾ 251 رٿائن جي مانيٽرنگ ۽ 50 رٿائن جي ايويليو ايشن جو هدف آهي. هن چيو ته ترقياتي ڀائيوارن سان سهڪار ۾ جولاءِ 2025ع دوران عالمي بئنڪ سان ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ 2035-2026ع تي مشاورت ٿي جنهن ۾ ماحولياتي بحالي ۽ پاڻيءَ جي تحفظ تي زور ڀريو ويو. چين سان سي پيڪ، گوادر پورٽ ۽ صنعتي تعاون کي به ترجيح ڏني وئي. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزارت وزيراعظم بااختيار نوجوان قدمن تحت 6 مهينن جي انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن ۾ 31 پاڪستاني اسڪالرز کي چونڊيو ويو آهي ته جيئن هو پاليسي سازيءَ جي عملي تجربي مان فائدو کڻي سگهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ان ترقياتي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل، جامع ۽ تيز رفتار ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي جنهن جو خاڪو اُڏام پاڪستان فريم ورڪ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.