اسلام آباد-12 آگسٽ(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي وزارت ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ريلوي جي مختلف انتظامي، آپريشنل ۽ فني معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سمورن ڊويزنل سپرنٽنڊنٽس آن لائن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريلوي وزارت طرفان جاري پڌرائي مطابق اجلاس کي خطاب ڪندي ريلوي واري وزير محمد حنيف عباسي، موسيٰ پاڪ ۽ عوام ايڪسپريس جي واقعن تي سخت …
ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت ۾ اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-12 آگسٽ(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي وزارت ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ريلوي جي مختلف انتظامي، آپريشنل ۽ فني معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سمورن ڊويزنل سپرنٽنڊنٽس آن لائن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريلوي وزارت طرفان جاري پڌرائي مطابق اجلاس کي خطاب ڪندي ريلوي واري وزير محمد حنيف عباسي، موسيٰ پاڪ ۽ عوام ايڪسپريس جي واقعن تي سخت ڪاوڙ ڪندي واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪيو. هن، غفلت ڪرڻ واري عملي خلاف سخت ڪارروائي جي به هدايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ حفاظتي قدم وڌيڪ سخت ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ريلوي واري وزير، ڊرائيورن ۽ عملي جي فوري تربيت جو حڪم ڏيندي ريلوي ٽريڪ ۽ سگنل سسٽم جو هنگامي معائنو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ريلوي واري وزير، واضح پيغام ڏنو ته مسافرن جي حفاظت اولين ترجيح آهي، ريلوي جا سمورا ننڍا وڏا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن، ريلوي ورڪشاپس جي حالت بهتر بڻائڻ ۽ فالتو اسڪريپ جي جلد نيلامي جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته ريلوي لائن سان گڏ پاڻي جي نيڪال جا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ ريل گاڏين ۾ بيت الخلا جي صفائي ۽ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، وفاقي وزير چيو ته هر ڊويزن ۾ باقاعده معائنو لازمي قرار ڏنو وڃي. هن آفيسرن کي آفيس ۾ ويهي رپورٽون ٺاهڻ بدران فيلڊ ۾ وڃڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته ٽريڪ ۽ ريل گاڏين جي حفاظت ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، سمورن ڊويزنل سپرنٽنڊنٽس جي هفتيوار رپورٽ لازمي موڪلي وڃي. ماهوار ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو اجلاس ۾ ورتو ويندو.











