اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ، مذهبي رواداري جي فروغ ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته اقليتن جي عبادتگاهن کي غير قانوني قبضن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ …
صدر آصف علي زرداري سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ، مذهبي رواداري جي فروغ ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته اقليتن جي عبادتگاهن کي غير قانوني قبضن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. صدر آصف علي زرداري اقليتي برادري جي حقن لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته اقليتي ويلفيئر فنڊ مان 2,236 شاگردن کي 6 ڪروڙ رپين جا تعليمي وظيفا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته 1,231 ضرورتمند ماڻهن کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته 32 اقليتي عبادتگاهن جي مرمت ۽ رنگ روغن لاءِ 4 ڪروڙ 50 لک رپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته بيساکي، گرو نانڪ ديو جي جنم ڏينهن، ڪٽاس راج ۽ ساڌ ٻيلي جهڙين تقريبن لاءِ سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن. وفاقي وزير چيو ته نفرت انگيز تقريرن کي روڪڻ لاءِ مختلف مذهبن جي عالمن سان صلاح مشورو ڪيو ويندو آهي. وفاقي وزير اقليتي برادري جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ انهن جي حقن کي فروغ ڏيڻ ۾ دلچسپي ۽ تعاون تي صدر آصف علي زرداري جا ٿورا مڃيا.











