صدر پاران سمبازه ۾ هندستان جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب ضلعي جي علائقي سمبازه ۾ هندستان جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته گذريل چئن …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب ضلعي جي علائقي سمبازه ۾ هندستان جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته گذريل چئن ڏينهن ۾ 50 هندستاني سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوارڻي صلاحيت، بهادري ۽ عزم جو چِٽو ثبوت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم دهشتگردي خلاف پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين هي جنگ پوري طاقت سان جاري رهندي.