ڀٽ شاهه-11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين سالياني عرس مبارڪ جي پڄاڻيءَ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ چادر چاڙهي. بلاول ڀٽو زرداري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي والد حضرت شاهه حبيب جي مزار تي پڻ حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي، …
بلاول ڀٽو زرداري پاران حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين عرس جي پڄاڻي تقريب ۾ شرڪت، مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي، مزار جي اڱڻ ۾ شاهه جو راڳ به ٻُڌو ، ايوارڊ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت

مزید خبریں
ڀٽ شاهه-11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين سالياني عرس مبارڪ جي پڄاڻيءَ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ چادر چاڙهي. بلاول ڀٽو زرداري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي والد حضرت شاهه حبيب جي مزار تي پڻ حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته مزار جي اڱڻ ۾ شاهه جو راڳ به ٻُڌو. بعد ۾ چيئرمين ڀٽ شاهه جي ايڇ ٽي سورلي هال ۾ منعقد ايوارڊ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته سندس خاندان صدين کان ڀٽ شاهه سان عقيدت رکندو پيو اچي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري سڀ شاهه لطيف جي پيغام جا پيروڪار آهن. بلاول زرداري چيو ته پاڪستان ڪڏهن به جنگ شروع ناهي ڪئي ۽ پر ختم ضرور ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي هر شهري ۽ نوجوان سوشل ميڊيا تي محاذ سنڀالي وطن جو دفاع ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڀارت اسان جي پاڻي ۽ سنڌو درياهه تي حملو ڪري اسان جي صدين پُراڻي تاريخ ۽ ثقافت کي نشانو بنايو، پر اسان مودي جي ڌمڪين جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو ته اسان امن جا خواهشمند آهيون پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ان خلاف اعلان شاهه لطيف جي ڌرتيءَ کان ٿيندو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ۾ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت اسان لاءِ فخر جوڳي آهي. هن چيو ته اهو تعلق پراڻو آهي، 64 سال اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هتي اچي ڪلچرل سينٽر جو بنياد رکيو هو، جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو 250هين عرس تي سندس والد سان شريڪ ٿي ۽ سنڌي ٻولي ۾ تاريخي خطاب ڪيو. وڏي وزير خطاب ۾ ڪنهن ڪتاب جي ٽڪري جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته محترمه نوجوانن کي تعليم ۽ محنت جي تلقين ڪئي ۽ ”گنج شريف“ پنهنجي خرچ تي ڇپرائي سمورن تعليمي ادارن ڏانهن اُماڻيا. سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد محترمه هڪ ايڪسيلينس سينٽر بنائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، جنهن کي صدر آصف علي زرداري صوفي يونيورسٽيءَ جي شڪل ۾ پڄاڻيءَ تائين پهچايو. هن وڌيڪ چيو ته هن سال يومِ آزاديءَ جو خاص رنگ آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ”بنيان المرصوص“ ذريعي ڀارت کي شڪست ڏني ۽ ان فتح جو جشن ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، جنهن ۾ شاهه لطيف جي عرس کي به ان ئي رنگ سان سينگاريو ويو آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ (شاهه لطيف جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو)، بهترين ”شاهه جو راڳي“ حاجي شير محمد نظاماڻي، بهترين گلوڪار ممتاز لاشاري، بهترين سگهڙ فقير فياض حسين مهيسر، بهترين ساز وڄائيندڙ شاهد علي، بهترين موسيقار فقير غلام رسول ۽ لوڪ گلوڪارائن ۾ مائي سانوڻ ۽ مائي سرهئي کي ايوارڊ ڏنا ويا. وفات کانپوءِ اعزاز طور شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ استاد گلزار علي خان کي پڻ لطيف ايوارڊ سان ڏنو ويو. ان موقعي تي وڏي وزير، قومي اسيمبلي ميمبر جميل الزمان ۽ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه به موجود هئا.











