اقليتن پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اقليتن پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن برابري، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي تي ٻڌل پاڪستان جو قيام هو. اقليتن جي قومي ڏينهن 11 آگسٽ 2025ع جي موقعي تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ايوان …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اقليتن پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن برابري، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي تي ٻڌل پاڪستان جو قيام هو. اقليتن جي قومي ڏينهن 11 آگسٽ 2025ع جي موقعي تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ايوان صدر ۾ منعقد تقريب کي خطاب ۾ صدر چيو ته اسلام جو پيغام امن، انصاف، ڀائيچاري ۽ انساني وقار جي حفاظت آهي، ميثاق مدينه سمورن شهرين کي برابر حق ڏيڻ جو روشن ۽ تاريخي مثال آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن جي بنيادي حقن ۽ انهن جي تحفظ جي مڪمل ضمانت ڏي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان هر قسم فرق، انتهاپسندي ۽ تشدد جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر چيو ته پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتن جي لاءِ مخصوص سيٽون انهن جي سياسي شموليت کي يقيني بڻائين ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته سرڪاري ملازمتن ۾ اقليتن جي لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته اقليتي شاگردن کي پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين اسڪالرشپس ڏنا پيا وڃن، حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي پاليسي قومي اتحاد ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏي ٿي. صدر يقين ڏياريو ته اقليتن جون عبادتگاهون قابضين کان واپس وٺي اصل منتظمين کي ڏنيون وينديون. صدر آصف علي زرداري چيو ته سمورن شهرين کي مذهب کان مٿانهون ٿي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر چيو ته اسان هڪ جامع، مضبوط ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل پاڪستان جي تعمير ڪنداسين. هن چيو ته اسان متحد ٿي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿينداسين. اقليتي اڳواڻن 11 آگسٽ کي قومي اقليتي ڏينهن قرار ڏيڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن خوبصورت ڏينهن تي هي خوبصورت گلدستو سجائڻ تي صدر آصف علي زرداري جا ٿورائتا آهيون ۽ خوشي  آهي ته سمورن اقليتن جي نمائندن ۽ اڳواڻن روايتي تقريرن بدران بين المذاهب هم آهنگي جو مثال قائم ڪندي انتهائي خوبصورت انداز ۾ انهن مسئلن طرف نشاندهي ڪرائي جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت اڳ ۾ ئي سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، وزيراعظم پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان گڏ ٻنهي دورن ۾ اقليتن جي حقن جي لاءِ کنيل قدمن جي اڻ مڪمل ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اليڪٽورل سسٽم جي حوالي سان جيڪي سفارشون آهن انهن جي لاءِ اسان ٻنهي پارٽين کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ گڏجي افهام تفهيم سان اليڪٽورل سسٽم بابت مسئلا گڏجي حل ڪرڻا پوندا ۽ ان جي لاءِ پارليامينٽ هڪ بهترين فورم آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي نگراني ۾ جيڪا به ڪميٽي قائم ٿيندي اها اقليتي نمائندن سان گڏجي ويهي مشاورت ڪندي ۽ جيڪا راءِ سامهون ايندي اها ئي حڪمت عملي هوندي. هن چيو ته ان ڏس ۾ هڪ ٽاسڪ فورس پڻ قائم ڪئي وئي آهي ۽ جن مسئلن طرف نشاندهي ڪئي وئي آهي اها ٽاسڪ فورس انهن مسئلن جي حل لاءِ اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهي آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 20 ۾ عبادتگاهن ۽ مذهبي آزادي رياست جي ذميواري قرار ڏنو ويو آهي ۽ اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح آرٽيڪل 25 ۾ اقليتن سميت سمورن شهرين جي برابر حقن جي ڳالهه ڪئي وئي اهي. اهڙي طرح آرٽيڪل 27 ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به قسم جي اڻبرابري نه ٿيندي ۽ اقليتن جي لاءِ خصوصي قدمن تي زور ڏنو ويو آهي. انساني حقن واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين جا اهي آرٽيڪل باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ جي خطاب جي فرمانن کي نظر ۾ رکي لکيا ويا آهن. هن چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اقليتي برادري جي ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت 11 آگسٽ تي هن تقريب جو انعقاد اقليتن جي حقن جي لاءِ حڪومتي قدمن جو جائزو پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪيو آهي، صدر آصف علي زرداري جا ٿورائتا آهيون جنهن ايوان صدر ۾ ان تقريب جو انعقاد ڪيو ۽ اسان آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا ته مذهبي معاملن واري وزارت قومي اقليتي ڪميشن ۾ شامل اقليتي نمائندن جي سفارش تي هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي آهي جنهن تحت متشدد ڪاررواين جي رڪارڊ سان گڏوگڏ وقت سر رپورٽ ۽ ايس ايم ايس الرٽ جاري ڪيو ويندو ۽ اقليتن کي تشدد جي واقعن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ اقليتي نمائندن سان مشاورت جو تسلسل ۽ اقليتي برادري جي عوامي نمائندن کي فنڊز جي فراهمي جهڙن قدمن، آن لائين ۽ اشاعت جي ذريعي نفرت انگيز مواد جي ڦهلاءُ جي روڪٿام جي لاءِ قدم سماجي ڪارڪنن سان مشاورت ۽ ميڊيا جي ذريعي آگاهي مهمن جو انعقاد شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت نه رڳو سرڪاري سطح تي اقليتن جو اهو ڏينهن ملهائي ٿي پر اقليتن جي ٻين مذهبي ڏهاڙن ڪرسمس، ايسٽر، ديوالي، بيساکي، نوروز  جون تقريبون پڻ سرڪاري سطح تي ملهائڻ جو اهتمام ڪري رهي آهي. بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان قومي ۽ صوبائي سطح تي ڪانفرنسن ۽ سيمينارز جو انعقاد ۽ حاصل ٿيندڙ سفارشن تي عملدرآمد جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اقليتن جي لاءِ ڀلائي فنڊز جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اقليتي برادري جي ٻارن کي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ جا تعليمي وظيفا جاري ڪيا ويا آهن، ساڍا 4 ڪروڙ رپين جي مذهبي عبادتگاهن جي مرمت ۽ بحالي جي ترقياتي اسڪيمون پڻ شروع ڪيون ويون آهن. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت سڄي ملڪ ۾ رهندڙ اقليتي ڪميونٽي جي ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان پليٽ فارم تي ايندڙ تجويزن جي آجيان ڪري ٿي. ان کان اڳ سمورين اقليتي برادرين جي نمائندن پڻ تقريب کي خطاب ڪندي 11 آگسٽ کي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهائڻ تي صدر آصف علي زرداري جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ تقريب دوران پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. هن ڀارتي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن ۽ آفيسرن کي سلام پيش ڪيو ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تقريب کي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پارسي ڪميونٽي جي نمائندي ڊاڪٽر اسفن يار ڀنڊارا، مسيحي ڪميونٽي جي نمائندي ڊاڪٽر جوزف ارشد، ڀائي ڪميونٽي جي نمائنده ڊاڪٽر سيما فرزاد، سک ڪميونٽي جي نمائندي ڊاڪٽر رميش سنگهه اروڙه، مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي صدر آصف علي زرداري اقليتي ۽ مذهبي اڳواڻن سان گڏ اقليتن جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. تقريب ۾ غيرملڪي سفيرن، مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ اقليتي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي.