اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي) چٽاڀيٽي ڪميشن وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ وزارت جي ٻين عملدارن کي شوگر سيڪٽر ۾ مقابلي کي هٿي وٺرائڻ جي چئلينجز تي بريفنگ ڏني. ڪالهه ٿيل ان اهم بريفنگ ۾ ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد کان علاوه چٽاڀيٽي ڪميشن جي رجسٽرار شهزاد حسين، ليگل ايڊوائيزر حافظ نعيم ۽ ڪارٽلز ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر سلمان طفر به موجود هو. چيئرمين ڊاڪٽر …
چٽاڀيٽي ڪميشن پاران ناڻي واري وفاقي وزير ۽ وزارت جي عملدارن کي شوگر جي صنعت ۾ مقابلي کي هٿي وٺرائڻ جي چئلينجز تي بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي) چٽاڀيٽي ڪميشن وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ وزارت جي ٻين عملدارن کي شوگر سيڪٽر ۾ مقابلي کي هٿي وٺرائڻ جي چئلينجز تي بريفنگ ڏني. ڪالهه ٿيل ان اهم بريفنگ ۾ ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد کان علاوه چٽاڀيٽي ڪميشن جي رجسٽرار شهزاد حسين، ليگل ايڊوائيزر حافظ نعيم ۽ ڪارٽلز ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر سلمان طفر به موجود هو. چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير سڌو، ناڻي واري وزير کي ٻُڌايو ته چٽاڀيٽي ڪميشن شوگر سيڪٽر جي سڌارن واري ڪميٽيءَ جي معاونت لاءِ تفصيلي سفارشون جوڙي رهي آهي. چٽاڀيٽي ڪميشن جي عملدارن ماضيءَ ۾ 09-2008ع، 16-2015ع ۽ 20-2019ع جي کنڊ بحران جي ڪارڻن ۽ ان حوالي سان ڪميشن جي جاچ، نتيجن ۽ ڪميشن جي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ناڻي واري وزير کي ٻُڌايو ته ڪمپيٽيشن ايپليٽ ٽربيونل 2021ع جي شوگر ڪارٽل ڪيس ۾ ڪميشن جي فيصلي کي ٻيهر ٻُڌڻيءَ لاءِ ڪميشن ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڪميشن ٻُڌڻيءَ کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪمتِ عملي ٺاهي آهي. وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب صارفين جي تحفظ، مارڪيٽس ۾ شفافيت ۽ معاشي ترقيءَ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چٽاڀيٽي ڪميشن جي مختلف عدالتن ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ ڪيسن جي جلد کان جلد ٻُڌڻيءَ لاءِ حڪومت جي حمايت جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ کنڊ جي شعبي جي قانوني، انتظامي ۽ ريگيوليٽري معاملن تي غور ڪيو ويو. ان کان علاوه چٽاڀيٽي ڪميشن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ صارفين جي تحفظ، آزداڻي واپار ۽ مارڪيٽس ۾ چٽاڀيٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو.











