پشاور -11 آگسٽ(اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان جڏهن چاهيون خيبر پختونخواه ۾ عدم اعتماد آڻي سگهو ٿا. علي امين گنڊاپور جنهن ڏينهن اسلام آباد جي تابعداري ڇڏي ته ٻئي ڏينهن ئي عدم اعتماد اچي ويندو. ميڊيا کي ڏنل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪي پي جي گورنر جو چوڻ هو ته اسان جڏهن چاهيون خيبر پختونخواه ۾ عدم اعتماد آڻي سگهو ٿا. هن چيو ته نمبر پورا آهن ڪي پي …
علي امين گنڊاپور جنهن ڏينهن اسلام آباد جي تابعداري ڇڏي ته ٻئي ڏينهن ئي سندس خلاف عدم اعتماد اچي ويندو:گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
پشاور -11 آگسٽ(اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان جڏهن چاهيون خيبر پختونخواه ۾ عدم اعتماد آڻي سگهو ٿا. علي امين گنڊاپور جنهن ڏينهن اسلام آباد جي تابعداري ڇڏي ته ٻئي ڏينهن ئي عدم اعتماد اچي ويندو. ميڊيا کي ڏنل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪي پي جي گورنر جو چوڻ هو ته اسان جڏهن چاهيون خيبر پختونخواه ۾ عدم اعتماد آڻي سگهو ٿا. هن چيو ته نمبر پورا آهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد آڻينداسين. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا جيڪي 6 سينيٽر آهن، انهن مان هڪ حلف کڻڻ نه اچي سگهيو، پي ٽي آءِ جي باقي 5 سينيٽرن مان به هڪ اسان جو آهي، وقت اچڻ تي اسان لاءِ ووٽ ڏيندو.











