ڀارت ۾ مودي حڪومت خلاف احتجاج تي ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي گرفتار

نئين دهلي-11 آگسٽ(اي پي پي) ڀارت ۾ مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نئين دهلي ۾ ووٽ چوري خلاف پارليامينٽ هائوس کان اليڪشن ڪميشن طرف مخالف ڌر جي مارچ دوران پوليس راهول گانڌي کي گرفتار ڪيو. ڀارتي ميڊيا مطابق راهول گانڌي لڳ ڀڳ 300 اپوزيشن ميمبرن سان گڏ اليڪشن ڪميشن طرف مارچ ڪري رهيو …

نئين دهلي-11 آگسٽ(اي پي پي) ڀارت ۾ مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نئين دهلي ۾ ووٽ چوري خلاف پارليامينٽ هائوس کان اليڪشن ڪميشن طرف مخالف ڌر جي مارچ دوران پوليس راهول گانڌي کي گرفتار ڪيو. ڀارتي ميڊيا مطابق راهول گانڌي لڳ ڀڳ 300 اپوزيشن ميمبرن سان گڏ اليڪشن ڪميشن طرف مارچ ڪري رهيو هو. ان موقعي تي راهول گانڌي چيو ته مودي حڪومت طاقت جي زور تي اسان جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اها ويڙهه سياسي نه پر آئين کي بچائڻ جي آهي، هيءَ ويڙهه هڪ ماڻهو، هڪ ووٽ جي اصول لاءِ آهي، اسان هڪ صاف ۽ شفاف ووٽر لسٽ چاهيون ٿا. مظاهري دوران پوليس پريانڪا گانڌي، سنجي راوت سميت ڪيترن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اپوزيشن اتحاد، چونڊ فهرستن ۾ مبينه بي ضابطگين ۽ شفافيت جي فقدان  خلاف شديد احتجاج ڪيو. ڪمشنر پوليس ديپڪ گرفتارين جي تصديق ڪندي چيو ته اپوزيشن کي ان پيماني جي احتجاج جي اجازت نه ڏني وئي هئي، صرف پارليامينٽ جي 30 ميمبرن کي اليڪشن ڪميشن وڃي شڪايت درج ڪرائڻ جي اجازت هئي.