وزيراعظم پاران گيلپ سروي بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس رپورٽ تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني ڪاروباري ادارن جي ملڪي معاشي رخ تي اعتماد بابت تازي گيلپ سروي بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گيلپ سروي جا نتيجا ڪاروباري برادري جي لاءِ ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال ۾ استحڪام جا عڪاس آهن، حڪومتي قدمن ۽ سُڌاراجاتي ايجنڊا جي ڪري سسٽم ۾ شفافيت آئي آهي ۽ واپاري برادري …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني ڪاروباري ادارن جي ملڪي معاشي رخ تي اعتماد بابت تازي گيلپ سروي بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گيلپ سروي جا نتيجا ڪاروباري برادري جي لاءِ ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال ۾ استحڪام جا عڪاس آهن، حڪومتي قدمن ۽ سُڌاراجاتي ايجنڊا جي ڪري سسٽم ۾ شفافيت آئي آهي ۽ واپاري برادري جي لاءِ آسانيون پيدا ٿيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گيلپ سروي موجب ڪاروباري ادارن جو پاڪستان جي معيشت تي اعتماد گذريل چئن سالن جي بلند سطح تي پهچي ويو آهي جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي، سروي موجب 2024ع جي آخري ٽه ماهي جي مقابلي ۾ ملڪي معاشي رخ جو اسڪور منفي 2 تي اچي ويو آهي جيڪا 2021ع جي چوٿين ٽه ماهي کانپوءِ بلند ترين سطح آهي، گيلپ سروي جا نتيجا ڪاروباري برادري جي لاءِ ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال ۾ استحڪام جا عڪاس آهن. هن چيو ته حڪومتي قدمن ۽ سڌاراجاتي ايجنڊا جي ڪري سسٽم ۾ شفافيت آئي آهي ۽ واپاري برادري جي لاءِ آسانيون پيدا ٿيون آهن، حڪومت جي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ نيون راهون کوليون آهن، هر ڏينهن بهتر ٿيندڙ معاشي اشارا، عالمي مالياتي ادارن جي پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين، ڪرپشن ۽ رشوت ۾ گهٽتائي ۽ شفافيت جو ثبوت آهن. هن چيو ته ميڪرو اڪنامڪ سڌارن جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، حڪومت اداراجاتي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، تازو ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هڪ لک 47 هزار پوائنٽس جي بلند ترين سطح کي عبور ڪري ويو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ سندس معاشي ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت ملڪ ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان جي لاءِ ڪاروباري برادري سان مشاورت جي دائري کي وڌيڪ وسيع ڪيو پيو وڃي.