آزادي جو ڏهاڙو رڳو هڪ تاريخي ڏينهن نه پر قربانين، جدوجهد ۽ عزم ۽ همت جي علامت آهي: ساجده فاروق تارڙ

لاهور - 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ چيو آهي ته 14 آگسٽ رڳو هڪ تاريخي ڏينهن نه آهي پر قربانين، جدوجهد ۽ عزم ۽ همت جي علامت آهي، هي ڏينهن اسان کي پنهنجي بزرگن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن آزادي جي خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي جان، مال ۽ گهر قربان ڪري …

لاهور – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ چيو آهي ته 14 آگسٽ رڳو هڪ تاريخي ڏينهن نه آهي پر قربانين، جدوجهد ۽ عزم ۽ همت جي علامت آهي، هي ڏينهن اسان کي پنهنجي بزرگن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن آزادي جي خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي جان، مال ۽ گهر قربان ڪري ڇڏيا. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اڄ جو پاڪستان وفاق ۽ پنجاب حڪومت جي محنت ۽ پاليسين جي ڪري بهتري طرف گامزن آهي. وفاقي حڪومت پاران معيشت جي بحالي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ تعليم ۽ صحت جي منصوبن تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جا عملي قدم کنيا پيا وڃن. ساجده فاروق تارڙ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪندي چيو ته صوبي ۾ فلاحي منصوبن، اسپتالن جي اپ گريڊيشن، جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جا پروگرام تيزي سان جاري آهن. هن چيو ته آبادگارن جي لاءِ سبسڊي، رستن جي تعمير ۽ مرمت ۽ صاف پاڻي جي فراهمي جا منصوبا به مريم نواز جي ترجيحن ۾ شامل آهن. سندس چوڻ هو ته آزادي جو ڏهاڙو اسان کي اهو پيغام ڏي ٿو ته اسان قومي يڪجهتي ۽ گڏيل محبت جي جذبي کي فروغ ڏيون ته جيئن پاڪستان دنيا ۾ هڪ مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻجي سگهي. هن ملڪ جي شهيدن ۽ غازين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين قائم رکي ۽ هر فتني ۽ سازش کان محفوظ فرمائي.