وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ زلزلي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي صوبي بالڪسر ۾ زلزلي تي سندس دل ڏکويل آهي، اسان جون سموريون دعائون ۽ …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي صوبي بالڪسر ۾ زلزلي تي سندس دل ڏکويل آهي، اسان جون سموريون دعائون ۽ همدرديون متاثرين سان گڏ آهن ۽ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي ان سانحي ۾ حفاظت ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ترڪ ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان سان دل جي گهرائين سان ان قدرتي واقعي تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. پاڪستان ترڪيه جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي.