اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي ته اقليتن جي حقن جو قومي ڏهاڙو اسان کي ان عزم جي ورجاءُ جو موقعو فراھم ڪري ٿو ته وطن جو ھر شھري مذھب جي حوالي سان به برابر حقن، انصاف ۽ احترام جو ھڪ جيترو حقدار آھي، قائد اعظم محمد علي جناح اھڙي پاڪستان جو خواب پيش ڪيو ھو جتي …
ھر شھري مذھب ۾ برابر حقن، انصاف ۽ احترام جو ھڪ جيترو حقدار آھي: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي ته اقليتن جي حقن جو قومي ڏهاڙو اسان کي ان عزم جي ورجاءُ جو موقعو فراھم ڪري ٿو ته وطن جو ھر شھري مذھب جي حوالي سان به برابر حقن، انصاف ۽ احترام جو ھڪ جيترو حقدار آھي، قائد اعظم محمد علي جناح اھڙي پاڪستان جو خواب پيش ڪيو ھو جتي مذھب شھرين جي موقعن جي رستي ۾ رڪاوٽ نه ٿئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس ريليز مطابق وفاقي وزير اقليتن جي قومي ڏينھن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته دين اسلام به اسان کي اهو ئي درس ڏئي ٿو ته سمورين برادرين جي حقن جي تحفظ، ھم آھنگي کي ھٿي ڏيڻ ۽ عدل ۽ انصاف کي ھر حال ۾ قائم رکيو وڃي. اچو ته سڀ گڏجي اھڙي پاڪستان ٺاھڻ جي ڪوششون ڪيون جتي تنوع اسان جي سڃاڻپ، اتحاد اسان جي طاقت ۽ انصاف اسان جو منشور ھجي.











