پاڻي هيٺ ثقافتي اثاثا پاڪستان جي قومي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته پاڻي هيٺ ثقافتي اثاثا پاڪستان جي قومي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن. پاڻي هيٺ ورثي جي ڊجيٽل ميپنگ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو، جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته  يونيسڪو جي نمائندي ڊاڪٽر ڪرسٽينا سان ملاقات ۾ پاڪستان جي پاڻي هيٺ قديمي آثارن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ …

اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته پاڻي هيٺ ثقافتي اثاثا پاڪستان جي قومي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن. پاڻي هيٺ ورثي جي ڊجيٽل ميپنگ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو، جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته  يونيسڪو جي نمائندي ڊاڪٽر ڪرسٽينا سان ملاقات ۾ پاڪستان جي پاڻي هيٺ قديمي آثارن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو منصوبو  آهي. پاڪستان 2001ع جي يونيسڪو ڪنوينشن جي توثيق ڪندڙ پهريون ڏکڻ ايشيائي ملڪ بڻجندو. هن چيو ته يونيسڪو جي شراڪت سان سامونڊي ثقافتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو، پاڻي هيٺ ثقافت جو تحفظ ماحولياتي تبديلي خلاف عالمي جدوجهد جو حصو آهي، پاڪستان جي سامونڊي تاريخي ورثي کي دنيا ۾ اجاگر ڪنداسين، ڪراچي جي 70 سالن جي پراڻين بندرگاهي عمارتن کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جي پڻ تجويز آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي معيار جو ميري ٽائيم ميوزيم قائم ڪيو ويندو، قديمي آثارن جي ڳولها دوران سامونڊي ماحولياتي نظام جي حفاظت ڪنداسين،   يونيسڪو جي سهڪار سان پاڻي هيٺ ورثي جي ڊجيٽل ميپنگ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو، يونيسڪو جي نمائندي پاڪستان ۾ سامونڊي ورثي جي تحفظ لاءِ سائنسي ۽ فني سهڪار فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.