مذھبي معاملن واري وزارت پاران تصديق ٿيل 26 عمره ڪمپنين جي لسٽ جاري

اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) مذھبي معاملن واري وزارت عمري جي خواھش رکندڙ ماڻھن کي چيو آھي ته ڪنھن به پريشاني کان بچڻ لاءِ رڳو وزارت کان تصديق ٿيل عمره ڪمپنين کان ئي بڪنگ ڪرائين. وزارت جي ترجمان مطابق مذھبي معاملن واري وزارت 26 عمرو ڪمپنين جي معاھدن جي تصديق بعد لسٽ پنھنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏي آھي. انھن 26 ڪمپنين ۾ اسلام آباد، ڪراچي، …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) مذھبي معاملن واري وزارت عمري جي خواھش رکندڙ ماڻھن کي چيو آھي ته ڪنھن به پريشاني کان بچڻ لاءِ رڳو وزارت کان تصديق ٿيل عمره ڪمپنين کان ئي بڪنگ ڪرائين. وزارت جي ترجمان مطابق مذھبي معاملن واري وزارت 26 عمرو ڪمپنين جي معاھدن جي تصديق بعد لسٽ پنھنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏي آھي. انھن 26 ڪمپنين ۾ اسلام آباد، ڪراچي، راولپنڊي، لاھور ۽ ساھيوال عمره ٽريول آپريٽر شامل آھن جنھن سان ٿيل معاھدن جي وزارت تصديق جو عمل مڪمل ڪري لسٽ جاري ڪئي آھي. مذھبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي آھي ته ڪنھن به پريشاني کان بچڻ لاءِ رڳو وزارت جي تصديق ٿيل عمره ڪمپنين کان بڪنگ جو عمل مڪمل ڪرائين.