اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت اڃان به خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ تي بضد آهي، ڪنهن به ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، افغانستان مان فتنه الخوارج سميت ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون پاڪستان خلاف متحرڪ آهن، دهشتگردن کي پوري قوت سان انصاف جو منهن ڏسڻو پوندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آمريڪا …
ڀارت اڃان به خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ تي بضد آهي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو آمريڪا ۾ پاڪستانين کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت اڃان به خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ تي بضد آهي، ڪنهن به ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، افغانستان مان فتنه الخوارج سميت ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون پاڪستان خلاف متحرڪ آهن، دهشتگردن کي پوري قوت سان انصاف جو منهن ڏسڻو پوندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آمريڪا جي دوري دوران آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني عزت، وقار جو سرچشمو ۽ ٻين پاڪستانين وانگر پرجوش آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ” برين ڊرين نه پر برين گين“ آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجو پاڻ کي ”وشواگرو“ طور پيش ڪرڻ چاهي ٿو پر عملي طور اهڙو ڪجهه به ناهي، ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي ٽرانس نيشنل دهشتگرد سرگرمين ۾ شموليت عالمي سطح تي شديد ڳڻتي جوڳي آهي، ان جا مثال ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻن جو قتل، قطر ۾ 8 ڀارتي نيول آفيسرن جو معاملو ۽ ڪلڀوشن ياديو جهڙا واقعا آهن. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان ڀارت جي امتيازي ۽ ٻٽي پاليسي خلاف ڪامياب سفارتي جنگ وڙهي آهي، هاڻوڪي ڀارتي اڳرائي جيڪا شرمناڪ بهانن سان ڪئي وئي، پاڪستان جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي ۽ معصوم شهرين کي شهيد ڪيو، ان ڀارتي اڳرائي خطي کي هڪ خطرناڪ طور ڀڙڪندڙ جنگ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي، جتي ڪنهن به غلطي سبب ٻطرفو ٽڪراءُ تمام وڏي غلطي هوندي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو انتهائي شڪر گذار آهي جنهن جي اسٽريٽجڪ ليڊرشپ عيوض نه رڳو انڊيا پاڪستان جي جنگ رڪي پر دنيا ۾ جاري ڪيترين ئي جنگين کي روڪيو ويو آهي، پاڪستان هن ان اشتعال انگزيزي جو پرعزم ۽ ڀرپور جواب ڏنو. اسان وڏي پئماني تي تڪرار کي روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڀارت اڃان به خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ تي بضد آهي. پاڪستان واضح ڪري چڪو آهي ته ڪنهن به ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ڀارت جو ڪو اندروني معاملو ناهي پر هڪ اڻ مڪمل عالمي ايجنڊا آهي. جيئن قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته ڪشمير پاڪستان جي ”شهه رڳ“ آهي، والاريل ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون به موجود آهن ۽ پاڪستان انهن قراردادن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته صرف ڏيڊ مهيني جي وقفي کانپوءِ منهنجو ٻيو دورو پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان هڪ نئين رخ جي علامت آهي، انهن دورن جو مقصد لاڳاپن کي هڪ تعميري، پائيدار ۽ مثبت رستي تي گامزن ڪرڻ آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته غزه ۾ جاري نسل ڪشي هڪ بدترين انساني الميو آهي جنهن جا عالمي ۽ علائقائي ٻنهي سطح تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پون ٿا. افغانستان مان ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون جنهن ۾ فتنه الخوارج شامل آهي، پاڪستان خلاف سرگرم آهن. هن چيو ته اسان جي ترقي ۽ خوشحالي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين سان واڳيل آهي، هن وقت دهشتگردي خلاف پاڪستان آخري مضبوط ديوار آهي، دهشتگردن لاءِ ڪا به همدردي ناهي ۽ کين پوري قوت سان انصاف جو منهن ڏسڻو پوندو. آرمي چيف چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي پنهنجي ملڪ سان عقيدت ۽ وابستگي هڪ کليل حقيقت آهي، قدرتي آفتن جي صورت ۾ به پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني سڀ کان پهرين امداد جي اپيل تي لبيڪ چوندا آهن. سوشل ميڊيا جي حوالي سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته اڄ جو سوشل ميڊيا هڪ طاقتور ذريعو بڻجي چڪو آهي پر ملڪ دشمن ڌريون ان کي افراتفري پيدا ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪن ٿا. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قرآن پاڪ جي آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ”اي ايمان وارو! جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ ڪا خبر آڻي ته اوهان خوب تحقيق ڪري وٺو ته جيئن اوهان جي اڻڄاڻائي ۾ ڪنهن کي نقصان نه پهچي ۽ پنهنجي عمل تي پڇتائڻو نه پوي“. هن چيو ته نئين نسل جي سوچ، لاڳاپا ۽ ترجيحون مختلف آهن، جن کي سمجهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. آمريڪا سان امڪاني واپاري معاهدي عيوض وڏي سيڙپڪاري به متوقع آهي، عالمي لاڳاپن جي محاذ تي به پاڪستان نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته آمريڪا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون ۽ چين سان مختلف مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد جاري آهي، جيڪي معاشي تعاون ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيندا، اسان جي 64 سيڪڙو نوجوان آبادي بي پناهه صلاحيتن سان ڀرپور آهي، جيڪي مستقبل جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اسان جي ڀارت خلاف سفارتي ۽ سيڪيورٽي ميدان ۾ هاڻُوڪي ڪاميابي الله تعاليٰ جي رحمت، قوم جي اجتماعي ڪوشش، سياسي ليڊرشپ جي درو انديشي ۽ استقامت ۽ اسان جي بهادر فوج جي پيشيوراني مهارت جو نتيجو آهي، هاڻي اسان آڏو سوال اهو ناهي ته ” جيڪڏهن“ اسان اٿنداسين پر سوال اهو آهي ته ”ڪيتري جلدي ۽ ڪيتري قوت سان“ اسان اٿينداسين“؟ اچو اسان پنهنجي وڏڙن جي ميراث قائم رکندي هڪ نئين جذبي ۽ مقصد سان بيهي اڳتي وڌون.











