ملڪي معيشت جي باري ۾ مخالف ڌر جا بي بنياد بيان عوامي مفادن خلاف آهن: عطا الله تارڙ

اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ اسد قيصر جي پريس ڪانفرنس کي گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته ملڪي معيشت جي باري ۾ بي بنياد بيان عوامي مفادن خلاف آهن، ڇا مخالف ڌر کي اها ڳالهه قبول ناهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 38 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ …

اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ اسد قيصر جي پريس ڪانفرنس کي گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته ملڪي معيشت جي باري ۾ بي بنياد بيان عوامي مفادن خلاف آهن، ڇا مخالف ڌر کي اها ڳالهه قبول ناهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 38 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 2.1 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ اسد قيصر جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، روانگي واپار ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ لاڳيتو مٿي وڃي رهي آهي ۽ معيشت ترقي ڪري رهي آهي، ڇا اوهان کي اهو قبول ناهي؟ هن چيو ته معيشت جي حوالي سان عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي درجابندي ۾ واضح بهتري ڪئي آهي، ڇا اها حقيقت اوهان کي تسليم ناهي؟ هن چيو ته 9 مئي تي هڪ سازش رچائي وئي، رياستي ادارن تي حملا ڪيا ويا، ان سنگين ڏوهه تي قانون موجب سزائون ٻڌايون ويون ۽ انهن سزائن جا سمورا فيصلا شفاف ۽ فيئر ٽرائيل کانپوءِ ٿيا. مخالف ڌر کي ان ڳالهه جي تڪليف آهي ته سازش جو سبب بڻجندڙ ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو پيو وڃي ۽ انهن کي سندن ڏوهن جي سزا ملي رهي آهي.