اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اڪرام الله ڪاڪڙ جو خاندان ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو هو، 2022ع ۾ قلعه سيف الله جي دوري دوران اڪرام الله سان امدادي خيمي ۾ ملاقات ٿي هئي، ملاقات ۾ اڪرام الله اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ۽ ان جا تعليمي خرچ برداشت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، اڄ اهو ڏسي …
وزيراعظم سان بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل متاثر ڏورانهين علائقي جي شاگرد اڪرام الله ڪاڪڙ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اڪرام الله ڪاڪڙ جو خاندان ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو هو، 2022ع ۾ قلعه سيف الله جي دوري دوران اڪرام الله سان امدادي خيمي ۾ ملاقات ٿي هئي، ملاقات ۾ اڪرام الله اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ۽ ان جا تعليمي خرچ برداشت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، اڄ اهو ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ته اڪرام الله محنت سان پنهنجي هدف ڏانهن وڌي رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي شاگرد اڪرام الله ڪاڪڙ سان ملاقات دوران ڪيو. هن اڪرام الله جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي اڪرام الله چيو ته گذريل ڀيري مان اوهان سان پوزيشن حاصل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪو مان پورو ڪيو آهي ۽ اوهان سان ملاقات لاءِ آيو آهيان. ان موقعي تي وزيراعظم اڪرام الله کي ياد ڏياريو ته گذريل ملاقات ۾ اوهان ڪاري رنگ جي شلوار قميص پهري هئي، مون کي چڱي ريت ياد آهي ته ان ڏينهن تمام گهڻي تيز اُس هئي ۽ اوهان چيو هو ته اسان جي علائقي ۾ ڪو به اسڪول ناهي، ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پري وڃڻو پوي ٿو. مون کي تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. وزيراعظم چيو ته پوءِ مون اڪرام الله کي لارنس ڪاليج وٺي آيس. هن چيو ته گذريل ڏينهن جڏهن مان اها خبر پڙهي ته اوهان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي ته مون کي تمام گهڻو فخر محسوس ٿيو. جنهن تي اڪرام الله وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اوهان جي استادن ۽ والدين جون دعائون ۽ اوهان جي پنهنجي محنت رنگ لاتو آهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اها وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جنهن تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. شاگرد اڪرام الله وزيراعظم جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ماڻهو سياست ۾ هر ڪنهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪن ٿا پر اوهان جو مون سان رويو سياست کان هٽي ڪري هو. اوهان تمام ڏورانهين علائقي مان هڪ ٻار کي لارنس ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته اوهان مون کي ملڪ جي تمام وڏي تعليمي اداري ۾ پڙهڻ جو موقعو ڏنو.هن چيو ته اسان جي ڪاليج ۾ ٽاپ ٿري اسٽوڊنٽس کي اسڪالرشپ ملندي آهي پر مان فيصلو ڪيو آهي ته ڊبل اسڪالرشپ حاصل ڪندس. مان اڳ به اسڪالرشپ تي پڙهي رهيو هئس ۽ الحمدالله مان محنت ڪئي ۽ مون کي اها اسڪالرشپ ملي آهي. هن چيو ته منهنجي ڪاميابي اوهان جي مهرباني جو نتيجو آهي، وزيراعظم مهمد شهباز شريف شاگرد سان ڳالهائيندي چيو ته اهو سڀ الله پاڪ جو ڪرم آهي، هو انسانن کي ذريعو بڻائيندو آهي، مون کي الله پاڪ توفيق ڏني ۽ اوهان لاءِ ذريعو بڻايو. هن چيو ته اڄ اوهان هڪ بهترين اداري ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو جيڪو الله تعاليٰ جو ڪرم آهي، اوهان تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، ان ڪاليج تمام وڏا وڏا نالا پيدا ڪيا آهن. اڪرام الله چيو ته منهنجي ملڪ جو مون مٿان تمام وڏو قرض آهي ۽ مان وڌيڪ محنت ڪندس ۽ پنهنجي سگهه وڌائي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندس. وزيراعظم مستقبل جي حوالي سان سوال ڪيو ته اڪرام الله چيو ته مان سي ايس ايس ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ انٽرميڊيٽ ۾ پڻ محنت ڪري پرڏيهه اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ڇاڪاڻ ته مون کي ننڍپڻ کان ئي آڪسفورڊ وڃڻ جو شوق رهيو آهي.انشاالله مان ملڪ ۽ قوم جو نالو بلند ڪندس. هن چيو ته مان اوهان جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندس ڇاڪاڻ ته اوهان پڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيا آهيو. اسان سڀ شاگرد اها خواهش رکون ٿا ته اوهان جهڙا ليڊر اسان کي مستقبل ۾ به نصيب ٿين. وزيراعظم جي پڇاڻو ڪرڻ تي اڪرام الله بڌايو ته مان راندين سان گڏوگڏ تقريري مقابلن ۾ پڻ شرڪت ڪندو آهيان. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف شاگرد اڪرام الله کي خاص تحفو پڻ پيش ڪيو ۽ چيو ته هي تحفو مستقبل ۾ اوهان جي پڙهائي ۽ عملي زندگي ۾ پڻ ڪم ايندو. واضح رهي ته بلوچستان جي ڏورانهين علائقي سان تعلق رکندڙ شاگرد اڪرام الله ڪاڪڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان فراهم ڪيل اسڪالرشپ تي لارنس ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ۽ هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ راولپنڊي بورڊ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي جنهن تي وزيراعظم ملاقات لاءِ اڪرام الله کي دعوت ڏني. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، اڪرام الله جا والدين ۽ استاد به موجود هئا.











