نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان رابطو، علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر  محمد اسحاق ڊار گذريل رات دير سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان رابطو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پاڪ ترڪ  به طرفه تعاون جو جائزو ورتو ۽ موجوده علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڳالهين دوران غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزيراعظم …

اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر  محمد اسحاق ڊار گذريل رات دير سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان رابطو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پاڪ ترڪ  به طرفه تعاون جو جائزو ورتو ۽ موجوده علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڳالهين دوران غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير  مڪمل فوجي قبضي واري اسرائيلي منصوبي جي مذمت ڪندي ان کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن غزه جي رهواسين کي بنا رنڊڪ انساني امداد فراهم ڪرڻ ۽ ڏوهن جو جوابده بڻائڻ کان اسرائيل کي ڇوٽ ڏيڻ جي خاتمي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڀريو.