اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته ڀارتي فضائيه جي سربراهه جو بيان ڀارت ۾ مودي جي شمشان گهاٽ ۾ سڙي خاڪ ٿيل سياست کي زنده ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، اهڙي ڪوشش ڀارت جي رهيل ساک کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته 3 مهينن کان پوءِ ڀارتي …
ڀارتي فضائيه جي سربراهه جي بيان ڀارت جي رهيل ساک به مٽي ۾ ملائي ڇڏي: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته ڀارتي فضائيه جي سربراهه جو بيان ڀارت ۾ مودي جي شمشان گهاٽ ۾ سڙي خاڪ ٿيل سياست کي زنده ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، اهڙي ڪوشش ڀارت جي رهيل ساک کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته 3 مهينن کان پوءِ ڀارتي ايئر چيف ننڊ مان جاڳيو آهي ۽ کيس خيال آيو آهي ته هن پاڪستاني جهاز تباهه ڪيا. سندس بيان ڀارت ۾ مودي جي شمشان گهاٽ ۾ سڙي خاڪ ٿيل سياست کي زنده ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. هن چيو ته مودي جي عزت ملڪ ۽ دنيا ۾ ٽڪي جي به نه رهي آهي. اهڙي گندي ڪوشش ڀارت جي رهيل ساک کي به مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي.











