اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي جي قيام جي 78 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جو تسلسل ئي پاڪستان جي سالميت، ترقي ۽ خوشحالي جو راز لڪيل آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 10 آگسٽ …
پارليامينٽ جي بالادستي، آئين جي حڪمراني ۽ جمهوريت جو تسلسل ئي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي: اسپيڪر سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي جي قيام جي 78 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جو تسلسل ئي پاڪستان جي سالميت، ترقي ۽ خوشحالي جو راز لڪيل آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 10 آگسٽ 1947ع ۾ دستور ساز اسيمبلي جو ڪراچي ۾ ٿيل پهريون اجلاس پاڪستان جي بانين جي جمهوري سوچ ۽ عوامي امنگن جو عملي اظهار هو. هي ڏينهن اسان جي تاريخ جو هڪ سنگ ميل آهي جيڪو نئين نسل کي جمهوري قدرن، آئيني روايتن ۽ پارلياماني ڪردار کان روشناس ڪرائڻ جو بهترين ذريعو آهي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ نه رڳو 25 ڪروڙ عوام جو نمائنده ادارو آهي پر عوامي ڀلائي ۽ ترقي ان جو بنيادي فرض آهي. ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر ۽ وقت سر قانونسازي اڻٽر آهي. هن چيو ته شفافيت، ڪفايت شعاري ۽ جديد انتظامي سڌارن کي نظر ۾ رکندي ايوان جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم جاري آهن. هن پارليامينٽ جي مضبوطي ۽ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سياسي قوتن کي سياست کان مٿانهون ٿي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته پارليامينٽ ئي اهو اڪيلو پليٽ فارم آهي جتي ملڪ جي عوامي، سياسي ۽ معاشي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته هن وقت وڏي انگ ۾ نوجوان قومي اسيمبلي ۾ انٽرنشپ ڪري رهيا آهن ته جيئن هو پارلياماني نظام، قانونسازي جي عمل ۽ جمهوري روايتن کان سڌي ريت واقفيت حاصل ڪري سگهن. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي ته جيئن عوام تائين معلومات جي وقت سر فراهمي، عملي جي صلاحيت ۾ واڌ ۽ وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ کي هڪ اهم اعزاز به حاصل آهي ته هي پارليامينٽ دنيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جيڪا 2015 کان مڪمل طور شمسي توانائي تي هلي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته پارلياماني نظام جي تسلسل ۽ آئيني ادارن جي بالادستي کانسواءِ قومي ترقي جو ڪو تصور ممڪن ناهي. هن ان عزم کي ورجايو ته موجوده پارليامينٽ، آئين، قانون ۽جمهوري اصولن جي روشني ۾ عوامي رهنمائي ۽ خدمتن جو سلسلو جاري رکندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته پارليامينٽ ملڪي وحدت جي علامت ۽ 25 ڪروڙ عوام جي اجتماعي دانش جو مرڪز آهي، هن چيو ته اسان موثر قانونسازي، شفاف حڪمراني ۽ عوامي مسئلن جي پائيدار حل ذريعي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهون ٿا.











