بلوچستان جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي، خوشحالي ۽ اتي جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم …

اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي، خوشحالي ۽ اتي جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي، خوشحالي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان جي ترقي لاءِ خاص ڪوششون ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه به موجود هو.