اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي رهواسين لاءِ 100 ميگاواٽ جي سولر فوٽو وولٽڪ پاور پلانٽ جي فراهمي بابت ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) وزيراعظم جي اعلان جي ٻن ڏينهن اندر ئي گلگت بلتستان ۾ مختلف هنڌن لاءِ 100 ميگاواٽ جي سولر فوٽو وولٽڪ پاور پلانٽ جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي …
وزيراعظم پاران گلگت بلتستان لاءِ 100 ميگاواٽ سولر پلانٽ جي واعدي جي تڪميل، ايڪنڪ منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي رهواسين لاءِ 100 ميگاواٽ جي سولر فوٽو وولٽڪ پاور پلانٽ جي فراهمي بابت ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) وزيراعظم جي اعلان جي ٻن ڏينهن اندر ئي گلگت بلتستان ۾ مختلف هنڌن لاءِ 100 ميگاواٽ جي سولر فوٽو وولٽڪ پاور پلانٽ جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ايڪنڪ جي منظوري کانپوءِ منصوبي تي باقاعده ڪم شروع ٿي ويندو، منصوبو ٽن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو جنهن تي ڪل 24.957 ارب روپين جي لاڳت ايندي. پنهنجي تازي گلگت بلتستان جي دوري دوران وزيراعظم اعلان ڪيو هو ته ايڪنڪ جلد ئي گلگت بلتستان لاءِ 100 ميگاواٽ جي سولر پاور پلانٽ جي منصوبي جي منظوري ڏيندي. سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) پهرين ئي ان منصوبي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. واضح رهي ته استور، تانگير، ديامر، گهانچي، غذر، گلگت، هنزه، اشڪومان، نگر، روندو، اسڪردو ۽ شغر جا ضلعا ان منصوبي مان فائدو کڻندا. منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ اسڪردو ضلعي کي 18.958 ميگاواٽ، بجلي، جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ هنزه، گلگت ۽ ديامر جي ضلعن کي ترتيبوار 6.005 ميگاواٽ، 28.013 ميگاواٽ ۽ 13.126 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪئي ويندي. اهڙي طرح ٽئين مرحلي ۾ باقي ضلعن کي 16.096 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي. ان کانسواءِ هي منصوبو اسپتالن ۽ سرڪاري آفيسن کي 18.162 ميگاواٽ آف گرڊ بجلي پڻ فراهم ڪندو.











