اسلام آباد -09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه آذربائيجان ۽ جمهوريه آرمينيا وچ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سرپرستي ۾ وائيٽ هائوس سمٽ ۾ تاريخي امن معاهدي جي آجيان ڪري ٿو، اها تاريخي اڳڀرائي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري تڪرارن ۽ انساني تڪليفن جو شڪار خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تعاون جي هڪ نئين دور جي شروعات جي نشاندهي ڪري ٿي. …
پاڪستان جمهوريه آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ آمريڪي صدر جي سرپرستي ۾ تاريخي امن معاهدي جي آجيان ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد -09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه آذربائيجان ۽ جمهوريه آرمينيا وچ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سرپرستي ۾ وائيٽ هائوس سمٽ ۾ تاريخي امن معاهدي جي آجيان ڪري ٿو، اها تاريخي اڳڀرائي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري تڪرارن ۽ انساني تڪليفن جو شڪار خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تعاون جي هڪ نئين دور جي شروعات جي نشاندهي ڪري ٿي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان صدر الهام عليوف ۽ آذربائيجان جي عوام کي ان تاريخي معاهدي تي مبارڪون ڏيون ٿا، سندن خطي جي پرامن مستقبل جو اهو رستو دانشمندي، دور انديشي ۽ تدبر جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان هميشه آذربائيجان جي برادر قوم سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ اسان تاريخ جي ان فخر جوڳي لمحي ۾ به ساڻن گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۽ هڪ معاهدي تائين پهچڻ تي آمريڪي سهولتڪاري واري ڪردار کي به ساراهيون ٿا جيڪو واپار، رابطن ۽ علائقن جي ڳنڍجڻ لاءِ نيون راهون کولي ٿو، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته گڏيل ڳالهين جو اهو جذبو ڊگهي عرصي کان جاري تڪرارن کي منهن ڏيندڙ ٻين خطن لاءِ پڻ هڪ مثال ثابت ٿيندو.











