حيدرآباد/ ڀٽ شاهه-09 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين عرس جو افتتاح خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ مزار تي چادر چاڙهي ڪيو، ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت وارو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه به ساڻس گڏ هو. گورنر اتي شاهه جو راڳ ٻڌو ۽ بعد ۾ غريب عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفه ورهايا، جنهن …
سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو عرس شروع، خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو

مزید خبریں
حيدرآباد/ ڀٽ شاهه-09 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين عرس جو افتتاح خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ مزار تي چادر چاڙهي ڪيو، ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت وارو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه به ساڻس گڏ هو. گورنر اتي شاهه جو راڳ ٻڌو ۽ بعد ۾ غريب عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفه ورهايا، جنهن کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڀارت جي اسان مٿان مڙهيل جنگ باوجود پاڪستان هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي. ڪشميري عوام جي ھر محاذ تي حمايت جاري رکي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو سياسي مستقبل ختم ٿي چڪو آهي ۽ عوام انهن جي موقف کي رد ڪري چڪو آهي. گورنر وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان جي فوجي ۽ معاشي صلاحيتن کي گهٽ سمجهندي اڳرائي جي وڏي غلطي ڪئي پر پاڪستاني هوائي فوج تڪڙو ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ سبب دشمن خاموش ٿي ويو. جنگ جي دور ۾ سنڌ کان چترال تائين سڄي قوم پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل هئي، شهيدن پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪيا ۽ هٿياربند فوج هر محاذ تي بهادري جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم مختلف ملڪن جي دوري دوران عالمي سطح تي ڪشمير جو مسئلو عالمي طور اٿاري ڀارت کي سفارتي طور وائکو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. پاڪستاني ميڊيا ان موقعي تي ذميواري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا تڪرارن جو شڪار رهي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته انتهاپسند عنصر ناڪاري سياست ڪن ٿا. جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ عوام کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته رياستي ادارن تي حملو ڪندڙن کي سخت ترين سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن ملڪ ۾ سزا ۽ جزا جو اثرائتو نظام قائم ٿئي. سياسي صورتحال بابت هن چيو ته حڪومت ڪيرائڻ جي ڪا سازش نه پئي ٿئي، پر اپوزيشن وٽ آئيني حق موجود آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ جي هاڻوڪي قيادت عوامي حمايت وڃائي چڪي آهي، انهن جا جلسا ۽ جلوس ناڪام ٿي رهيا آهن، قوم ترقي، امن ۽ استحڪام چاهي ٿي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ ٻڌايو ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي هميشه عورتن جي حقن، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي ۽ ماڻهن کي متحد ٿي رهڻ جو سبق ڏنو آهي. هن چيو ته عرس جي ٻئي ڏينھن وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي پڻ شرڪت ڪندو، جڏهن ته اڄ گورنر خيبر پختونخواه فيصل ڪريم ڪنڊي جا افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي سندس شڪر گذار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته عرسِ مبارڪ آزادي جي موقعي تي ملهايو پيو وڃي، جنهن سان ان جي اهميت اڃا وڌي وئي آهي. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته اجرڪ اسان جي صوبي جي ثقافتي سڃاڻپ آهي ۽ هر موقعي تي عزت جي علامت طور پيش ڪئي ويندي آهي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي مزار جي احاطي ۾ شاھ جو راڳ به ٻڌو، بعد ۾ هنن غريب عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا ۽ شاهه جي باغ ۾ ڪلچرل وليج جو افتتاح ڪيو جتي هن دستڪاري اسٽالن جو به معائنو ڪيو، ڪلچرل وليج ۾ ويهي ڪچهري ۽ لوڪ موسيقي ٻڌي ۽ ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه جو به دورو ڪيو.











