راولپنڊي-09 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز سمبازه (زوب) ۾ ڳولا واري آپريشن دوران وڌيڪ 14 ڀارتي اسپانسرڊ خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ کانسواءِ هٿيار، ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي، 7 -8 آگسٽ 2025ع تي ضلعي زوب جي علائقي سمبازه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن دوران 33 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته 8 – 9 آگسٽ جي رات پاڪستان – افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ …
سيڪيورٽي فورسز پاران زوب ۾ ڪامياب آپريشن، وڌيڪ 14 ڀارتي اسپانسرڊ خوارجي جهنم حوالي: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-09 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز سمبازه (زوب) ۾ ڳولا واري آپريشن دوران وڌيڪ 14 ڀارتي اسپانسرڊ خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ کانسواءِ هٿيار، ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي، 7 -8 آگسٽ 2025ع تي ضلعي زوب جي علائقي سمبازه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن دوران 33 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته 8 – 9 آگسٽ جي رات پاڪستان – افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ ڳولا ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيو ويو . پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته سمبازه جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڳولا جو آپريشن ڪيو ويو، ان ۾ مارجي ويل خوارجين جو انگ 47 ٿي ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ۽ پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.











