ناسا جي ڪريو 10- جا خلا باز 5 مهينن جو مشن مڪمل ڪرڻ بعد 10 آگسٽ تي ڪيليفورنيا ويجهو سمنڊ ڪناري لهندا

واشنگٽن-09 آگسٽ(اي پي پي) ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو 10- جا خلا باز  عالمي خلائي اسٽيشن تي 5 مهينا ڊگهو سائنسي ۽ تحقيقي مشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 10 آگسٽ تي ڪيليفورنيا ويجهو سمنڊ ڪناري لهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو 10- جي خلاف بازن گذريل ڏينهن عالمي خلائي اسٽيشن(آءِ ايس ايس) تي 5 مهينن جو مشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپسي جو سفر شروع ڪيو. اسپيس ايڪس ڊريگن خلائي …

واشنگٽن-09 آگسٽ(اي پي پي) ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو 10- جا خلا باز  عالمي خلائي اسٽيشن تي 5 مهينا ڊگهو سائنسي ۽ تحقيقي مشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 10 آگسٽ تي ڪيليفورنيا ويجهو سمنڊ ڪناري لهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو 10- جي خلاف بازن گذريل ڏينهن عالمي خلائي اسٽيشن(آءِ ايس ايس) تي 5 مهينن جو مشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپسي جو سفر شروع ڪيو. اسپيس ايڪس ڊريگن خلائي جهاز جنهن ۾ عملي جا 4 ميمبر پڻ سوار آهن جمعي ڏينهن شام جو 6 لڳي 15 منٽ تي آءِ ايس ايس جي هارموني ماڊيول کان ڌار ٿيو جيڪو صبح جو 11 لڳي 33 منٽن تي ڪيليفورنيا ويجهو سمنڊ ڪناري تي لهندو.