پيٽروليم واري وفاقي وزير سان پولينڊ جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاڪستان ۾ مقرر پولينڊ جي سفير ميڪي پسارسڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ خاص ڪري تيل ۽ گيس جي ڳولا ۽ معدنيات جي شعبي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ وچ ۾ توانائيءَ …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاڪستان ۾ مقرر پولينڊ جي سفير ميڪي پسارسڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ خاص ڪري تيل ۽ گيس جي ڳولا ۽ معدنيات جي شعبي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ وچ ۾ توانائيءَ جي تلاش، ٽيڪنالاجي منتقلي ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير پاڪستان جي عالمي حصيدارين کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو ته جيئن ملڪ جي وڌندڙ توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. هن تيل، گيس ۽ معدني ذخيرن ۾ هاڻوڪي عالمي دلچسپي جي به نشاندهي ڪئي. سفير پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ گڏيل ترقي ۽ علم جي مٽاسٽا جي امڪانن کي ساراهيو. ٻنهي ڌُرين گڏيل منصوبن ۽ فني تعاون جا موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پيٽروليم جي شعبي ۾ جدت ۽ ڪارڪردگيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. علي پرويز ملڪ پاڪستان ۽ پولينڊ جي پُراڻن سفارتي لاڳاپن جي ساراهه ڪئي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان خاص طور تي ٽامي ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائيءَ ۾ پوليش مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ملاقات جي پڄاڻي ٻنهي ملڪن جي توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي پُختي عزم سان ٿي. ملاقات ۾ پيٽروليم اينڊ گيس انفراسٽرڪچر اينڊ نيٽ ورڪ گروپ جو وقتي ڊائريڪٽر به موجود هو.