وزيراعظم سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات، ميان شاهد شفيع جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 8 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم سان سندس ڪزن ميان شاهد شفيع جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرحوم ميان شاهد شفيع جي وڏي ڀاءُ …

اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم سان سندس ڪزن ميان شاهد شفيع جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرحوم ميان شاهد شفيع جي وڏي ڀاءُ جاويد شفيع سان پڻ ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تعزيت ڪئي. سينيٽر شيري رحمان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پڻ بلاول ڀٽوزرداري سان گڏ هيون. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد صديقي، پاور ڊويزن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو، قومي اسيمبلي ميمبر سائره افضل تارڙ، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.