اسلام آباد - 8 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار متفقه تجويزن ۽ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪيه سان ڀائيچاري جي رشتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم …
اسحاق ڊار پاران متفقه تجويزن ۽ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار متفقه تجويزن ۽ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪيه سان ڀائيچاري جي رشتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪ – ترڪيه ٻطرفي گڏيل تعاون کي وڌائڻ بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي کي معيشت، واپار، صنعت، تعليم، صحت، توانائي، دفاع، انفراسٽرڪچر ۽ رابطن سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير متفقه تجويزن ۽ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ترڪيه سان ڀائيچاري جي رشتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي حڪومتي عزم جي تجديد ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري، اقتصادي معاملن واري ڊويزن، صحت، پاڻي وسيلن، پيٽروليم، پاور ڊويزن جي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











