اسلام آباد - 8 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ايراني صدر جي تازي دوري جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، علائقائي امن جي فروغ ۽ فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي عزم جي تجديد ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير شفقت علي خان ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان …
پاڪستان پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جو سرڪاري دورو خوش آئنده قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ايراني صدر جي تازي دوري جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، علائقائي امن جي فروغ ۽ فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي عزم جي تجديد ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير شفقت علي خان ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي 2 کان 3 آگسٽ تائين پاڪستان جي سرڪاري دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو دورو خطي جي لاءِ هڪ اهم وقت تي ٿيو آهي جنهن ۾ ايراني صدر سان گڏ پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ ٻين اعليٰ سطحي وزيرن جو هڪ وفد پڻ شامل هو. ترجمان ٻڌايو ته دوري دوران ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪيون. صدر آصف علي زرداري ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾مذهبي، ثقافتي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ايران جي خلاف اشتعال انگيز اسرائيلي جارحيت جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ تازي 12 ڏينهن واري جنگ دوران ايراني قوم جي يڪجهتي ۽ بهادري کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. ترجمان چيو ته ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جنگ دوران پاڪستان جي مستقل تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل واپار جي ڪاٿي کي موجوده 3 ارب ڊالر کان وڌائي 10 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ڏس ۾ بارٽر ٽريڊ کي وڌائڻ، چانور، ميون ۽ گوشت جي برآمدات ۾ اضافي ۽ بارڊر مارڪيٽس کي فعال ڪرڻ جهڙن اهم قدمن تي غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ايراني هم منصب سان علائقائي ۽ ٻطرفي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چيو ته غزه جي لاءِ پاڪستان جي امداد جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان غزه جي عوام کي انساني امداد فراهم ڪري رهيو آهي، 3 آگسٽ تي سينيٽر اسحاق ڊار غزه جي لاءِ پاڪستان جي 17هين امدادي کيپ رواني ڪئي جنهن ۾ 100 ٽن خوراڪ بشمول خشڪ کير، خوراڪ ۽ طبي سامان شامل آهي. گذريل ڏينهن 18هين امدادي کيپ موڪلي وئي جنهن ۾ خشڪ راشن، کاڌو ۽ دوائون شامل هيون. اهڙي طرح پاڪستان غزه کي ڪل 18 کيپ ۾ 1815 ٽن تائين امدادي سامان پهچايو آهي جيڪو فلسطيني عوام سان پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو اظهار آهي. ان موقعي تي سينيٽر محمد اسحاق ڊار فوري جنگبندي، شهرين جي تحفظ ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل سياسي حل جي موقف جو پڻ ورجاءُ ڪيو. يوڪرين تڪرار ۾ پاڪستاني شهرين جي ملوث هجڻ جي دعويٰ رد ڪندي ترجمان يوڪرين تڪرار ۾ پاڪستاني شهرين جي ملوث هجڻ جي ”بي بنياد“ دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪو تصديق ٿيل ثبوت پيش نه ڪيو ويو ۽ نه ئي يوڪرين پاران پاڪستان سان رسمي طور تي رابطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان معاملي تي يوڪرين کان وضاحت طلب ڪئي ويندي. مسجد اقصيٰ تي اسرائيلين جي حملي جي مذمت ڪندي ترجمان اسرائيلي آبادڪارن بشمول اعليٰ عهديدارن ۽ ڪنيسٽ ميمبرن جي مسجد اقصيٰ تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته اهي اشتعال انگيزيون مذهبي جذبا ڀڙڪائڻ ۽ خطي کي غيرمستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون آهن. هن گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان فوري قدمن جي اپيل ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشمير جي جدوجهد سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ڇهين سالگرهه جي موقعي تي استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو حوالو ڏنو. صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويا جنهن ۾ ڪشميري عوام سان پاڪستان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. سينيٽر اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، جنرل اسيمبلي جي صدر، انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ سينيٽر اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پرڏيهي وزارت جي عملي، سول سوسائٽي ۽ شهرين جي شرڪت سان هڪ يڪجهتي واڪ پڻ ڪيو ويو. ترجمان چيو ته پاڪستان جي غيرملڪي پاليسين جي اهم معاملن تي مضبوط موقف ۽ علائقائي امن، انصاف ۽ مظلوم عوام سان يڪجهتي جي عزم کي ورجايو.











