پاڪستان پاران غزه تي مڪمل فوجي قبضي جي مبينا اسرائيلي منصوبابندي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد - 8 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه تي مڪمل فوجي قبضي جي مبينا اسرائيلي منصوبابندي جي انتهائي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، اهو نه رڳو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي هڪ واضح خلاف ورزي آهي پر اهو والاريل فوج پاران پنهنجي جاري نسل ڪشيءَ جي فوجي مهم کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سازش آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي …

اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه تي مڪمل فوجي قبضي جي مبينا اسرائيلي منصوبابندي جي انتهائي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، اهو نه رڳو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي هڪ واضح خلاف ورزي آهي پر اهو والاريل فوج پاران پنهنجي جاري نسل ڪشيءَ جي فوجي مهم کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سازش آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو انتهائي تشدد آميز قدم موجوده سنگين انساني بحران ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ شهرين جي تڪليف ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو، جڏهن ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن کي پڻ نقصان پهچندو. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀري ٿو ته اها اسرائيل جي فوجي مهم کي فوري طور تي روڪڻ، غزه ۾ انساني بحران تي ضابطو آڻڻ ۽ بنا روڪ انساني امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي ۽ اسرائيل کي ان ڪڌي ڏوهه جي لاءِ جوابده قرار ڏي.