اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته ايگري اسٽيڪ جو مقصد زراعت جي اسٽرڪچرل مسئلن جو حل ڪڍڻ آهي، ايگري اسٽيڪ آبادگارن جي تصديق ٿيل سڃاڻپ، زمين بابت ڊيٽا جي انٽگريشن، درست مشاورتي سهولتن ۽ سبسڊي، فصل انشورنس ۽ ڪريڊٽ جهڙين خدمتن جي موثر فراهمي کي ممڪن بڻائيندو. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، غذائي تحفظ …
ايگري اسٽيڪ – پاڪستان جي زرعي مستقبل لاءِ ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر جي تعمير بابت اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته ايگري اسٽيڪ جو مقصد زراعت جي اسٽرڪچرل مسئلن جو حل ڪڍڻ آهي، ايگري اسٽيڪ آبادگارن جي تصديق ٿيل سڃاڻپ، زمين بابت ڊيٽا جي انٽگريشن، درست مشاورتي سهولتن ۽ سبسڊي، فصل انشورنس ۽ ڪريڊٽ جهڙين خدمتن جي موثر فراهمي کي ممڪن بڻائيندو. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، لينڊ انفارميشن اينڊ مينيجمينٽ سسٽم (ايل آءِ ايم ايس) ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي سهڪار سان نيشنل انڪيوبيشن سينٽر اسلام آباد ۾ ايگري اسٽيڪ – پاڪستان جي زرعي مستقبل لاءِ ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر جي تعمير جي عنوان سان هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو. ان مشاورتي سيشن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن، ايگري ٽيڪ اسٽارٽ اپس، ٽيلي ڪام، فن ٽيڪ ادارن، عالمي ترقياتي حصيدارن، آبادگار تنظيمن ۽ تعليمي ادارن جي ماهرن روبرو ۽ آن لائن شرڪت ڪئي ته جيئن زرعي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ گڏيل ويزن تي اتفاق راءِ قائم ڪري سگهجي. وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه خطاب ڪندي چيو ته ايگري اسٽيڪ جو مقصد زراعت جي اسٽرڪچرل مسئلن جو حل ڪڍڻ آهي جن ۾ فريگمنٽڊ ڊيٽا، آبادگارن جي سڃاڻپ ۽ ڪريڊٽ هسٽري جي کوٽ، سبسڊي جي غير موثر ورهاست ۽ ڪمزور مارڪيٽ رسائي شامل آهن. هن چيو ته ايگري اسٽيڪ آبادگارن جي تصديق ٿيل سڃاڻپ، زمين بابت ڊيٽا جي انٽگريشن، درست مشاورتي سهولتن ۽ سبسڊي، فصل انشورنس ۽ ڪريڊٽ جهڙين خدمتن جي موثر فراهمي کي ممڪن بڻائيندو. هي هڪ جامع ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل زرعي انقلاب جو بنياد آهي جيڪو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن ڊجيٽل نيشن پاڪستان تحت ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان لاڳو ڪيو پيو وڃي. ايل آءِ ايم ايس جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل (ر) محمد ايوب احسن ڀٽي به اجلاس کي خطاب ڪيو ۽ ان انقلابي قدم کي اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته ايگري اسٽيڪ/ پاڪ گرو هڪ منفرد تصور آهي جيڪو پاڪستان جي زرعي شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪندو، خاص طور تي ننڍن آبادگارن جي زندگين ۾ بهتري آڻيندي پاليسي سازي ۾ مدد فراهم ڪندو. ايل آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽو آفيسر ڊاڪٽر محمد وقار ياسين وضاحت ڪئي ته ايل آءِ ايم ايس ان منصوبي جي فني بنياد جي طور تي ڪم ڪندو ۽ پاڪستان لاءِ نيشنل ايگري ڊيٽابيس جي حيثيت سان مختلف ذريعن کان ڊيٽا کي گڏ ڪري فارم جي مخصوص معلومات تيار ڪندو ته جيئن سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. اگنائيٽ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر رفيق احمد بريرو وفاقي وزير ۽ ايل آءِ ايم ايس جي ڊي جي موقف جي تائيد ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته محفوظ، قابل توسيع ۽ اوپن ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر جي تعمير لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو ويندو ته جيئن ايگري اسٽيڪ کي سڄي ملڪ ۾ پائيدار ۽ جديد زرعي حل جو ٿنڀ بڻائي سگهجي. ان قدم جي بنيادي جزن ۾ آبادگارن جي ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊز ۽ رجسٽريز، رضامندي تي ٻڌل ڊيٽا شيئرنگ، محفوظ ادائيگي جو نظام، سيٽلائيٽ ذريعي حاصل ڪيل فصلن جي معلومات ۽ ڊجيٽل مارڪيٽ پليٽ فارمز شامل آهن. ان مشاورتي اجلاس جو مقصد حڪمراني جي ڍانچي تي اتفاق ۽ ايل آءِ ايم ايس ذريعي تيز رفتار لاڳو کي يقيني بڻائڻ هو. شرڪت ڪندڙن آءِ ٽي ۽ قومي غذائي تحفظ وارين وزارتن جي گڏيل سربراهي ۾ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي، ڊيٽا ۽ سائبر سيڪيورٽي تي ٻڌل هڪ فني ورڪنگ گروپ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن کان پائليٽ اسڪواڊز جي قيام جي منظوري ڏني. ايندڙ 12 کان 18 مهينن دوران ان قدم ۾ ترجيحي بنيادن تي جن رخن تي ڪم ڪيو ويندو انهن ۾ سمارٽ سبسڊي، موسمياتي انڊيڪس تي ٻڌل فصل انشورنس، متبادل ڊيٽا ذريعي قرضن تائين رسائي ۽ مارڪيٽ سان رابطن جو قيام شامل آهي. اجلاس جي پڄاڻي ان عزم سان ٿي ته ورڪنگ گروپس قائم ڪيا ويندا، 3 کان 4 پائليٽ منصوبا شروع ڪيا ويندا ۽ هڪ واضح روڊ ميپ تحت قابل پئماش هدف مقرر ڪيا ويندا ته جيئن زرعي شعبي کي ڊجيٽل طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. ايگري اسٽيڪ پاڪستان ۾ زراعت کي ڊجيٽل نظام ۾ آڻڻ جي هڪ اهم اڳڀرائي آهي جيڪا آبادگارن کي بااختيار بڻائيندي. شفافيت کي هٿي ڏيندي ۽ معاشي پائيداري ۾ اضافو ڪندي. آءِ ٽي واري وزارت پائيدار زرعي مستقبل لاءِ جدت ۽ حصيداري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











