مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آڪٽوبر ۾ ٻن ڏينهن واري ريجنل ٽرانسپورٽ وارن وزيرن واري ڪانفرنس جو بندوبست ڪندو، جنهن ۾ 27 ملڪن جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن، سفيرن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي دعوت ڏني پئي وڃي. ان سلسلي ۾ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريجنل ٽرانسپورٽ وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي بندوبست بابت اهم فيصلا …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آڪٽوبر ۾ ٻن ڏينهن واري ريجنل ٽرانسپورٽ وارن وزيرن واري ڪانفرنس جو بندوبست ڪندو، جنهن ۾ 27 ملڪن جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن، سفيرن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي دعوت ڏني پئي وڃي. ان سلسلي ۾ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريجنل ٽرانسپورٽ وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي بندوبست بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. ريجنل ٽرانسپورٽ وارن وزيرن واري ڪانفرنس 23 ۽ 24 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي، جنهن جو مقصد خطي ۾ علائقائي تعاون، گڏيل رابطن ۽ مواصلات جي ذريعن جي بهتريءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. ان ڪانفرنس لاءِ افغانستان، آذربائيجان، بحرين، بنگلاديش، بيلاروس، چين، ايران، قازقستان، ڪرغزستان، مالديپ، ملائيشيا، نيپال، عمان، قطر، روس، سعودي عرب، سريلنڪا، تاجڪستان، ترڪيه، ترڪمانستان، يو اي اي، ازبڪستان، مصر، انڊونيشيا، مراڪش ۽ ڪينيا کي دعوت ڏني پئي وڃي. ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ، صحت واري عالمي اداري، انٽرنيشنل روڊ آرگنائيزيشن ۽ ٻين عالمي ادارن جي سربراهن ۽ نمائندن کي به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني پئي وڃي. ان حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ريجنل ٽرانسپورٽ وارن وزيرن جي ڪانفرنس جو پاڪستان جي آمدورفت جي ذريعن تي هاڪاري اثر پوندا ۽ـ علائقائي سطح تي هم آهنگيءَ ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي. ڪانفرنس جي ميزبانيءَ ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير ۽ ايوي ايشن ۽ ميري ٽائيم وارو وفاقي وزير به شريڪ ٿيندا. وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ٻن ڏينهن واري ايونٽ ۾ مختلف سيشن، ثقافتي تقريبن ۽ گڏيل تعاون بابت تجويزن تي غور ڪيو ويندو. مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن ڪانفرنس جي حوالي سان مختلف سفارشون پيش ڪيون.