اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال نوجوانن تي زور ڀريو ته هو وقت جي اهميت کي سمجهن، متحد رهن ۽ ڊجيٽل دؤر ۾ پکڙيل غلط ڄاڻ کان هوشيار رهن. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته وقت انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، ڪاميابي سوشل ميڊيا جي رجحانن سان نه پر پنهنجي مقصد جي …
نوجوان وقت جي اهميت کي سمجهن، متحد رهن ۽ ڊجيٽل دؤر ۾ پکڙيل غلط ڄاڻ کان هوشيار رهن: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال نوجوانن تي زور ڀريو ته هو وقت جي اهميت کي سمجهن، متحد رهن ۽ ڊجيٽل دؤر ۾ پکڙيل غلط ڄاڻ کان هوشيار رهن. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته وقت انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، ڪاميابي سوشل ميڊيا جي رجحانن سان نه پر پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ محنت ۽ مستقل مزاجي سان ڪم ڪرڻ سان حاصل ٿيندي آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي وقت جو قدر ڪن ٿا اهي ئي زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، جيڪي ماڻهو پنهنجو وقت مثبت سرگرمين ۾ صرف ڪن ٿا اهي ئي عظمت حاصل ڪن ٿا. هن غلط اطلاعن جي خطرن جي نشاندهي ڪندي قرآن پاڪ جي هڪ اصول جو حوالو ڏنو جيڪو موجوده دؤر ۾ بيحد اهم ٿي چڪو آهي، ”جيڪڏهن ڪو توهان وٽ خبر آڻي ته تحقيق ڪريو ڪٿي ائين نه ٿئي جو بعد ۾ پڇتائڻو پوي.“ احسن اقبال سوشل ميڊيا تي پکڙيل ان گمراهه ڪُن بيانن جي مذمت ڪئي جن ۾ 6 مئي کان اڳ پاڪستان جي اتحاد، هٿياربند فوج ۽ عسڪري قيادت جي باري ۾ شڪ شبها پيدا ڪيا ويا. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني هڪ مضبوط متحد قوم آهن جنهن جي هٿياربند فوج بهادر ۽ قيادت پُرعزم آهي. هن ان واقعن کي تاثر سازيءَ جو هڪ مثالي مثال قرار ڏيندي نوجوانن تي زور ڀريو ته هو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ جي اندروني صلاحيت پيدا ڪن ۽ ڊجيٽل دوکيبازي کان پاڻ کي محفوظ رکن، مستقبل طرف اشارو ڪندي احسن اقبال 2047ع ۾ پاڪستان جي 100 سالن جي آزاديءَ واري جشن جو ذڪر ڪندي چيو ته ان وقت اوهان جي نسل پنهنجي عروج تي هوندي، ايندڙ 22 سالن ۾ اوهان جون ڪوششون اهو طئي ڪنديون ته پاڪستان دنيا ۾ ڪٿي بيٺل هوندو. هن ان کي هڪ قومي مشن قرار ڏيندي نوجوانن کي تبديليءَ جو علمبردار تخليقي قوتون رکندڙ ۽ اتحاد جي نمائندي طور ڪردار ادا ڪرڻ جي تلقين ڪئي جيڪي پاڪستان کي نَون بلندين تائين وٺي وڃي سگهن ٿا. احسن اقبال نوجوانن تي زور ڀريو ته هو نفرت، تعصب ۽ ورهاست جي آوازن کي رد ڪن ۽ چيو ته اتحاد جو مطلب هڪجهڙائي نه هوندو آهي، اسان مختلف ٿي سگهون ٿا پر پوءِ به برابر ٿي سگهون ٿا، جمهوريت مختلف راين تي وڌي ويجهي آهي، ٻين کي گهٽ يا غدار چوڻ جمهوري رويو ناهي. هن نوجوانن کي ٽيم ورڪ، اجتماعي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته هي خصوصيتون 21هين صدي جي قومي تعمير لاءِ لازمي آهن، گڏجي ڪم ڪريو ۽ گڏ بيهو ۽ نفرتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نه ڏيو.











