اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد 8 آگسٽ تي پنهنجي قيمتي رت سان بهادري ۽ جرئت جي تاريخ لکي ۽ دشمن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي پاڪستاني جهنڊي کي سرخرو ڪيو. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته نشانِ حيدر جي وارث، عظيم سپاهي دشمن کي انهن جي صفن ۾ گهڙي ماريو. ميجر طفيل محمد …
ميجر طفيل محمد شهيد 8 آگسٽ تي پنهنجي قيمتي رت سان بهادري ۽ جرئت جي تاريخ لکي: محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد 8 آگسٽ تي پنهنجي قيمتي رت سان بهادري ۽ جرئت جي تاريخ لکي ۽ دشمن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي پاڪستاني جهنڊي کي سرخرو ڪيو. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته نشانِ حيدر جي وارث، عظيم سپاهي دشمن کي انهن جي صفن ۾ گهڙي ماريو. ميجر طفيل محمد شهيد دشمن جي گولين کي مُنهن ڏيندي بٽالين جي اڳواڻي ڪئي ۽ بهادريءَ جي لازوال داستان لکي. ميجر طفيل محمد شهيد زخمي ٿيڻ باوجود اڳتي وڌڻ کان نه رڪيو ۽ دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بي مثال بهادريءَ جو هي عظيم لمحو اسان جي نئين نسل کي هميشه حوصلو ۽ عزم جو درس ڏيندو رهندو. قوم ميجر طفيل محمد شهيد کي سلام پيش ڪري ٿي جنهن سڀ کان اڳتي وڌي دشمن کي شڪست ڏني. ميجر طفيل محمد شهيد جي آخري لفظن ۾ ته مان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، دشمن ڀڄي ويو آهي. اڄ هڪ قومي حقيقت آهي ۽ ميجر طفيل محمد شهيد جا اهي تاريخي لفظ اڄ به وطن جي هر سپاهيءَ جو نعرو آهن. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دليراڻي قيادت ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران هي سونهري لفظ هر ميدان ۾ گونجندا رهيا ۽ دشمن کي هر محاذ تي شڪست پلئه پئي. هاڻوڪي جنگ ۾ اسان جو هر سپاهي ميجر طفيل محمد شهيد بنجي وڙهيو ۽ الله تعاليٰ قوم کي بي مثال فتح نصيب فرمائي. دشمن جا ڏند کٽا ڪندڙ ميجر طفيل محمد شهيد کي سلام، ميجر طفيل محمد شهيد جي لازوال قربانيءَ کي دلير قوم هميشه ياد رکندي.











