پاڪستان جو آفريقي سامونڊي ڪناري ۾ دهشتگردي جي بنيادي سببن جي خاتمي لاءِ زور

گڏيل قومون-08 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ پاڪستان آفريقي سامونڊي ڪناري ۾ دهشتگردي جي بنيادي سببن جي خاتمي لاءِ زور ڀريندي چيو آهي ته صرف طاقت جي استعمال سان ئي امن ممڪن ناهي، ان لاءِ دهشتگردي جي بنيادي سببن کي پڻ ختم ڪرڻو پوندو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان نمائندي آصف خان چيو ته سامونڊي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ علائقائي سهڪار …

گڏيل قومون-08 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ پاڪستان آفريقي سامونڊي ڪناري ۾ دهشتگردي جي بنيادي سببن جي خاتمي لاءِ زور ڀريندي چيو آهي ته صرف طاقت جي استعمال سان ئي امن ممڪن ناهي، ان لاءِ دهشتگردي جي بنيادي سببن کي پڻ ختم ڪرڻو پوندو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان نمائندي آصف خان چيو ته سامونڊي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ علائقائي سهڪار ۽ گڏيل سيڪيورٽي نظام ضروري آهي. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمون پنهنجون ڪارروايون تيزي سان پکيڙي رهيون آهن جڏهن ته سرحد پار حملن ۽ ڏوهاري نيٽ ورڪس سان رابطن ۾ اضافو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل کي گهرجي ته اها گڏيل قومن جي امن مشن ذريعي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان کي فخر آهي ته هن سيراليون، لائبيريا، اورڪوٽ ڊي آئيوائر جهڙن ملڪن ۾ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو آهي، هن زور ڀريو ته عالمي برادري آفريقي ملڪن جي مقامي حڪومتن ۽ ادارن کي انهن جي ضرورتن موجب مستحڪم بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. پاڪستان نمائندي عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي پڻ حمايت ڪئي ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي مناسب، سستي ۽ پائيدار مالي مدد فراهم ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هر ان ڪوشش جي حمايت ڪري ٿو جيڪا امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي وٺرائي.