قومي اسيمبلي جي ميمبر انوارالحق چوڌري جي شھيد رضوان طاھر جي گھر آمد، گھرڀاتين سان تعزيت

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر انوارالحق چوڌري شھيد ميجر رضوان طاھر جي گھر وڃي سندس گھرڀاتين سان تعزيت ڪئي. جاري ڪيل بيان مطابق پارلياماني سيڪريٽري شھيد جي والد ڪرنل (ر) طاھر ۽ ڀاءُ ميجر عثمان سان ملاقات ڪئي ۽ شھيد جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ھن شھيد ميجر رضوان طاھر جي قرباني کي خراج …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر انوارالحق چوڌري شھيد ميجر رضوان طاھر جي گھر وڃي سندس گھرڀاتين سان تعزيت ڪئي. جاري ڪيل بيان مطابق پارلياماني سيڪريٽري شھيد جي والد ڪرنل (ر) طاھر ۽ ڀاءُ ميجر عثمان سان ملاقات ڪئي ۽ شھيد جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ھن شھيد ميجر رضوان طاھر جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم پنھنجي شھيدن جي قربانين کي ڪڏھن به نه وسارندي آهي ، شهيدن جون قربانيون اسان لاءِ فخر جوڳيون آھن.