اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ چئن هوٽلن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي ۾ لکت واري هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزارت طرفان ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ چئن هوٽلن کي شراب جا لائسنس ڏنا ويا آهن، شراب جا لائسنس مخصوص شرطن تي جاري ڪيا ويا آهن. ايل ٽو شراب …
اسلام آباد ۾ چئن هوٽلن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي: گهرو وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ چئن هوٽلن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي ۾ لکت واري هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزارت طرفان ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ چئن هوٽلن کي شراب جا لائسنس ڏنا ويا آهن، شراب جا لائسنس مخصوص شرطن تي جاري ڪيا ويا آهن. ايل ٽو شراب لائسنس جي في 5 لک آهي. شراب جي لائسنس جي سالياني تجديد هڪ لک 50 هزار روپيا آهي. اسلام آباد ۾ ميريٽ، سرينا، بيسٽ ويسٽرن ۽ موو اينڊ پڪ هوٽلن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي. وزارت طرفان ٻڌايو ويو ته لائسنس جي شرطن ۾ شامل آهي ته هوٽلز ۾ شراب کي ٻين شين کان ڌار رکيو ويندو. شراب جي کيپ اچڻ جي 7 ڏينهن اندر لاڳاپيل آفيسر کي آگاهه ڪيو ويندو، ايڪسائيز آفيسر بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي شراب جو لائسنس ڪينسل ڪري سگهي ٿو.











