اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) نادرا مان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ ۾ دير، ڪرپشن ۽ غير ضروري اعتراضن وارن 19 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جو انڪشاف ٿيو آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ گهرو وزارت لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ ۾ دير ڪرپشن ۽ غير ضروري اعتراضن جا 19هزار 901 ڪيس سامهون آيا آهن. گذريل ڏينهن قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري …
نادرا مان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ ۾ دير، ڪرپشن ۽ غير ضروري اعتراضن وارن 19 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جو انڪشاف

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) نادرا مان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ ۾ دير، ڪرپشن ۽ غير ضروري اعتراضن وارن 19 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جو انڪشاف ٿيو آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ گهرو وزارت لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ ۾ دير ڪرپشن ۽ غير ضروري اعتراضن جا 19هزار 901 ڪيس سامهون آيا آهن. گذريل ڏينهن قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ ۾ دير تي ٻڌل 13500 شڪايتون مليون، ڪراچي مان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ ۾ به دير جون 7872 شڪايتون مليون، ملتان مان 2605، لاهور مان 1313، سرگوڌا مان 344 شڪايتون مليون، جڏهن ته اسلام آباد سميت اي جي ڪي ۽ گلگت بلتستان مان 471 شڪايتون مليون آهن، ڪوئيٽا ۽ گوادر مان 425، پشاور مان 353، سکر مان 117 شڪايتون مليون آهن، جڏهن ته ڪرپشن بابت 461 شڪايتون مليون آهن. ڪرپشن جي حوالي سان ڪراچي مان 254، ملتان مان 37 ۽ لاهور مان 26 شڪايتون مليون آهن. اهڙي ريت سرگوڌا مان ڪرپشن جون 28، اسلام آباد سميت اي جي ڪي ۽ گلگت بلتستان مان 49 شڪايتون مليون ۽ ڪوئيٽا ۽ گوادر مان 14، پشاور مان 33 ۽ سکر مان 20 شڪايتون مليون آهن، جڏهن ته غير ضروري اعتراضن ۽ دستاويزن جي گهرجن بابت 5940 شڪايتون مليون آهن، غير ضروري اعتراضن جي حوالي سان ڪراچي مان 3940، ملتان مان 638 ۽ سرگوڌا مان 612 شڪايتون مليون آهن. اهڙي ريت اسلام آباد سميت اي جي ڪي ۽ گلگت بلتستان مان 308 شڪايتون مليون، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ گوادر مان 291، سکر مان 151 شڪايتون مليون. غير ضروري اعتراضن جون لاهور ۽ پشاور مان ڪي به شڪايتون نه مليون آهن. شڪايتن جي جاچ پڙتال کانپوءِ نادرا جي 131 ملازمن خلاف ڪارروائي جاري آهي ۽ 39 ملازمن کي نوڪرين تان هٽايو ويو آهي.











