اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي، 100 انڊيڪس 146300 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، جنهن جو واضح ثبوت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لڳاتار جاري تيزي آهي. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي ۽ معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري جي نتيجي ۾ مارڪيٽ روزاني نئين بلندين تي پهچي رهيو آهي، 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 146300 پوائنٽس جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو. شروعاتي واپار دوران 400 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو، ماهرن جو چوڻ …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، جنهن جو واضح ثبوت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لڳاتار جاري تيزي آهي. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي ۽ معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري جي نتيجي ۾ مارڪيٽ روزاني نئين بلندين تي پهچي رهيو آهي، 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 146300 پوائنٽس جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو. شروعاتي واپار دوران 400 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو، ماهرن جو چوڻ آهي ته ان تيزي جي وڏن سببن ۾ حڪومت جون مستحڪم معاشي پاليسيون، آءِ ايم ايف سان ڪامياب ڳالهيون، روپئي جي اگهه ۾ بهتري ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪان شامل آهن. ماهرن موجب اهو ئي لاڙو برقرار رهيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج وڌيڪ سنگ ميل پار ڪري سگهي ٿو.