سان فرانسسڪو-08 آگسٽ (اي پي پي) اوپن اي آءِ جديد ترين اي آءِ ماڊل جي پي ٽي 5 جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مشهور آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني اوپن اي آءِ پنهنجو نئون ۽ جديد ترين مصنوعي ذهانت ماڊل جي پي ٽي 5 باقاعده طور تي جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو ايندڙ نسل جي چيٽ بوٽ کي هٿي ڏيندو. هڪ سڌي ريت نشرياتي تقريب دوران اوپن اي آءِ جي پي ٽي …
اوپن اي آءِ جديد ترين اي آءِ ماڊل جي پي ٽي 5 ريليز ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
سان فرانسسڪو-08 آگسٽ (اي پي پي) اوپن اي آءِ جديد ترين اي آءِ ماڊل جي پي ٽي 5 جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مشهور آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني اوپن اي آءِ پنهنجو نئون ۽ جديد ترين مصنوعي ذهانت ماڊل جي پي ٽي 5 باقاعده طور تي جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو ايندڙ نسل جي چيٽ بوٽ کي هٿي ڏيندو. هڪ سڌي ريت نشرياتي تقريب دوران اوپن اي آءِ جي پي ٽي 5 کي هن وقت تائين جو ”ذهين ترين ۽ تيز ترين“ ماڊل قرار ڏنو، جنهن ۾ پروگرامنگ، لکت وارين صلاحيتن ۽ ڏکين ڪمن کي انجام ڏيڻ ۾ نمايان بهتري آندي وئي آهي. اوپن اي آءِ جي سي اي او سيم آلٽ مين هڪ پريس بريفنگ ۾ ان کي ”دنيا جو بهترين ماڊل“ قرار ڏيندي چيو ته اها ڪمپني جي مصنوعي ذهانت ڏانهن اڳڀرائي ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.











