واشنگٽن-08 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيني ڪمپنين سان رابطن جو الزام لڳائيندي چپ ٺاهيندڙ ڪمپني انٽيل جي نئين سربراهه لپ بوٽين کان فوري طور استعفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ الزام لڳايو آهي ته انٽيل جي سربراهه جا چيني فوج ۽ دفاعي صنعت سان لاڳاپيل ڪمپنين سان رابطا آهن جيڪي انتهائي تڪراري آهن، اهو عمل آمريڪي قومي سلامتي لاءِ خطرو …
چين سان رابطا، آمريڪي صدر طرفان انٽيل جي سي اي او کان استعفيٰ جو مطالبو

مزید خبریں
واشنگٽن-08 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيني ڪمپنين سان رابطن جو الزام لڳائيندي چپ ٺاهيندڙ ڪمپني انٽيل جي نئين سربراهه لپ بوٽين کان فوري طور استعفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ الزام لڳايو آهي ته انٽيل جي سربراهه جا چيني فوج ۽ دفاعي صنعت سان لاڳاپيل ڪمپنين سان رابطا آهن جيڪي انتهائي تڪراري آهن، اهو عمل آمريڪي قومي سلامتي لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو. آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته انٽيل جو سي اي او انتهائي تڪراري آهي ۽ کيس فوري طور استعفيٰ ڏيڻ گهرجي. ان مسئلي جو ڪو ٻيو حل ناهي.











