تهران-08 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ايران بابت نئين پابندين جي منظوري جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن پابندين ۾ 18 ادارا ۽ ماڻهو شامل آهن جن بابت آمريڪي ناڻي واري کاتي چيو آهي ته اهي اهڙين مالي ۽ فني نيٽ ورڪس ۾ ملوث آهن جيڪي ايراني حڪومت کي آمريڪي پابندين کان بچائڻ، داخلي جبر جي مالي سهڪار ڪرڻ ۽ پاسدارن انقلاب ۽ انهن جي ايجنٽن کي مالي …
آمريڪا طرفان ايران جي 18 ادارن ۽ ماڻهن تي نيون پابنديون لاڳو

مزید خبریں
تهران-08 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ايران بابت نئين پابندين جي منظوري جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن پابندين ۾ 18 ادارا ۽ ماڻهو شامل آهن جن بابت آمريڪي ناڻي واري کاتي چيو آهي ته اهي اهڙين مالي ۽ فني نيٽ ورڪس ۾ ملوث آهن جيڪي ايراني حڪومت کي آمريڪي پابندين کان بچائڻ، داخلي جبر جي مالي سهڪار ڪرڻ ۽ پاسدارن انقلاب ۽ انهن جي ايجنٽن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. انهن پابندين ۾ متبادل مالياتي نيت ورڪس به شامل آهن. انهن پابندين ۾ سائرس بئنڪ به شامل هئي جيڪا هڪ ڳجهي ”آف شور“ بئنڪ آهي جيڪا ڪيس ٻيٽ تي ايراني مرڪزي بئنڪ سان تعلق ظاهر ڪرڻ کانسواءِ حڪومت جي پرڏيهه ملڪ خريدارن جي مالي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. انهن پابندين ۾ پارسارگاد بئنڪ جي ذيلي ڪمپني ايف اي اين اي پي به شامل آهي جنهن نگراني جون اهڙيون ٽيڪنالاجيون تيار ڪيون جيڪي ايراني پوليس استعمال ڪندي آهي. انهن پابندين ۾ آمريڪا ۾ اثاثن کي منجمند ڪرڻ، انهن ماڻهن يا ادارن سان ڏي وٺ تي پابندي لڳائڻ شامل آهي جيڪي انهن جي تابع آهن. انهن پابندين جو مقصد آمريڪي عوام جي حفاظت ڪرڻ آهي.











