اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ کي نشانو بنائڻ جي مذمت ڪئي آهي ۽ دهشتگرد حملي ۾ هڪ ميجر ۽ ٻن فوجي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ٿيل ميجر رضوان، نائيڪ ابنِ امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس کي …
بلاول ڀٽو زرداري پاران مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ کي نشانو بنائڻ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ کي نشانو بنائڻ جي مذمت ڪئي آهي ۽ دهشتگرد حملي ۾ هڪ ميجر ۽ ٻن فوجي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ٿيل ميجر رضوان، نائيڪ ابنِ امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سرچ اينڊ ڪليئرنس آپريشن دوران 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن دهشتگردن کي ناس ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي پُختي عزم جي ڀرپور حمايت کي ورجايو.











