اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) هائوسنگ واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته پي ڊبليو ڊي جي ملازمن لاءِ گولڊن شيڪ هينڊ سميت ٻيا آپشنز موجود آهن، عوامي حڪومت ڪنهن ملازم کي خالي هٿين ملازمت کان نه هٽائيندي. قومي اسيمبليءَ ۾ شاهده اختر علي ۽ ٻين جي پي ڊبليو ڊي جي ملازمن کي پگهارن جي عدم ادائگيءَ جي حوالي سان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ هن …
پي ڊبليو ڊي جي ملازمن لاءِ گولڊن شيڪ هينڊ سميت ٻيا آپشنز موجود آهن: رياض حسين پيرزاده

مزید خبریں
اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) هائوسنگ واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته پي ڊبليو ڊي جي ملازمن لاءِ گولڊن شيڪ هينڊ سميت ٻيا آپشنز موجود آهن، عوامي حڪومت ڪنهن ملازم کي خالي هٿين ملازمت کان نه هٽائيندي. قومي اسيمبليءَ ۾ شاهده اختر علي ۽ ٻين جي پي ڊبليو ڊي جي ملازمن کي پگهارن جي عدم ادائگيءَ جي حوالي سان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته عملي جو ڪل انگ 6186 آهي ان ۾ ريگيولر 2 هزار کان وڌيڪ آهن، کين پگهارون ڏنيون ويون آهن. 26-2025ع جي بجيٽ ۾ سي ڊي اي کي ڏنل اسٽاف کي جون تائين پگهارون ڏنيون ويون آهن. ريگولر اسٽاف جي حوالي سان لاڳاپيل ڪميٽي مان بل منظور ٿي چڪو آهي، هاڻ گولڊ هينڊ شيڪ به کين اجازت ملندي، هيءَ ڪابينه جو فيصلو آهي، سمورن ملازمن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو، ان حوالي سان نوڪرين مان ڪڍڻ جي حوالي سان پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. نعيمه ڪشور جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن جي حوالي سان فيصلو ٿيندو، ڪنهن کي به خالي هٿين گهر نه موڪليو ويندو. هي عوامي حڪومت جو فيصلو آهي.











