پاڪستان جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 20 ارب ڊالرن کان وڌي وڃڻ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ بهتر مالياتي حڪمت عمليءَ جو اهڃاڻ آهي: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته پاڪستان جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 20 ارب ڊالرن کان وڌي وڃڻ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ بهتر مالياتي حڪمت عمليءَ جو اهڃاڻ آهي. ڊجيٽل نيشنل سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ 15 ارب ڊالر جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.5 ارب ڊالرن جا ذخيرا …

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته پاڪستان جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 20 ارب ڊالرن کان وڌي وڃڻ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ بهتر مالياتي حڪمت عمليءَ جو اهڃاڻ آهي. ڊجيٽل نيشنل سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ 15 ارب ڊالر جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.5 ارب ڊالرن جا ذخيرا موجود آهن. بلال اظهر ڪياني چيو ته موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين سبب ملڪ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام طرف گامزن آهي. هن ٻُڌايو ته مهانگائيءَ جي شرح ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن سان ڪاروباري ۽ سيڙپڪاريءَ جي ماحول ۾ بهتري آئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ايندڙ هدف پائيدار ۽ جامع اقتصادي ترقي آهي جنهن لاءِ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، صنعتي پيداوار ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ٽيرف سڌارن جهڙا قدم کنيا پيا وڃن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن ٽيڪنالاجي ذريعي شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي سگهجي. هن ايف بي آر ۾ جاري سڌارن جو  به ذڪر ڪيو جن جو مقصد محصولن ۾ واڌ ۽ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ شامل آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت مالي نظم و ضبط برقرار رکندي ملڪ کي ترقي، روزگار ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪندي.