نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف جي آذربائيجان جُون سرڪاري دؤري دوران اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون

راولپنڊي-07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، آذربائيجان جي سرڪاري دؤري دوران اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون ۽ مشقن ۽ تربيتي ڏي وٺ جي پروگرامن ذريعي ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان موجب ايڊمرل نويد اشرف، آذربائيجان نيول فورسز جي ڪمانڊر فرسٽ گريڊ …

راولپنڊي-07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، آذربائيجان جي سرڪاري دؤري دوران اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون ۽ مشقن ۽ تربيتي ڏي وٺ جي پروگرامن ذريعي ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان موجب ايڊمرل نويد اشرف، آذربائيجان نيول فورسز جي ڪمانڊر فرسٽ گريڊ ڪيپٽن شاهين ممدوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ علائقائي ميري ٽائم سيڪيورٽيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڊمرل نويد اشرف مشقن ۽ تربيتي ڏي وٺ جي پروگرامن ذريعي سامونڊي فوج وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. نيول چيف کي آذربائيجان بحريه جي آپريشنل تيارين، تربيت ۽ آپريشنل سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه آذربائيجان جي بحريه جي اسپيشل آپريشنز فورسز جو آپريشنل مظاهرو ڏٺو. نيول چيف، آذربائيجان آرمي جي چيف آف دي جنرل اسٽاف ڪرنل جنرل ڪريم وليئيف سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آذربائيجان نيول فورسز هيڊ ڪوارٽرز آمد تي پاڪ بحريه جي سربراهه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. پاڪ بحريه جي سربراهه جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ خاص ڪري سامونڊي فوج وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.